• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ٽرمپ جو اقوامِ متحده ۽ بين الاقوامي ادارن جي درجنين تنظيمَن مان نڪرڻ ۽ مالي مدد ختم ڪرڻ جو اعلان
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
دنيا

ٽرمپ جو اقوامِ متحده ۽ بين الاقوامي ادارن جي درجنين تنظيمَن مان نڪرڻ ۽ مالي مدد ختم ڪرڻ جو اعلان

admin
Last updated: January 8, 2026 1:57 pm
admin
Share
SHARE

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اقوامِ متحده ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن جي 66 تنظيمَن مان آمريڪا کي الڳ ڪرڻ ۽ انهن جي مالي معاونت ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ٽرمپ اربع ڏينهن چيو ته آمريڪا درجنين بين الاقوامي ۽ اقوامِ متحده سان لاڳاپيل ادارن مان دستبردار ٿي ويندو، جن ۾ هڪ اهم موسمياتي معاهدو ۽ اقوامِ متحده جو اهو ادارو به شامل آهي جيڪو صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري ٿو. ٽرمپ موجب اهي ادارا آمريڪي قومي مفادن جي خلاف ڪم ڪن ٿا.

آمريڪا اقوامِ متحده جي عورتن واري اداري UN Women کان به الڳ ٿي رهيو آهي، جيڪو صنفي برابري ۽ عورتن جي بااختياري لاءِ ڪم ڪري ٿو. ان کان علاوه آمريڪا اقوامِ متحده جي آبادي فنڊ UNFPA کان به دستبردار ٿي رهيو آهي، جيڪو 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ خانداني منصوبه بندي سان گڏ ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي ڌيان ڏئي ٿو. آمريڪا گذريل سال ئي UNFPA جي فنڊنگ گهٽائي ڇڏي هئي.

وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل فهرست موجب 35 اهڙا ادارا به شامل آهن جيڪي سڌي طرح اقوامِ متحده جو حصو ناهن. انهن ۾ بين الاقوامي پينل براءِ موسمياتي تبديلي IPCC، نيشنل انسٽي ٽيوٽ فار ڊيموڪريسي اينڊ اليڪٽرول اسسٽنس، ۽ انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر نمايان آهن.

وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته آمريڪا 31 اقوامِ متحده جي ادارن مان به الڳ ٿي رهيو آهي، جن ۾ اقوامِ متحده جو مرڪزي موسمياتي معاهدو UNFCCC، اقوامِ متحده ڊيموڪريسي فنڊ، ۽ ماءُ ٻار جي صحت تي ڪم ڪندڙ اهم ادارو UNFPA شامل آهن. آمريڪا گذريل سال ٽن ڏهاڪن ۾ پهريون ڀيرو اقوامِ متحده جي سالياني عالمي موسمياتي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي.

برطانوي خبر ايجنسي موجب ٽرمپ جو هي قدم ڪثيرالجہتي ادارن، خاص طور تي اقوامِ متحده بابت، سندس پراڻي بي اعتمادي جي عڪاسي ڪري ٿو. هو بار بار بين الاقوامي ادارن جي افاديت، خرچن ۽ احتساب تي سوال اٿاريندو رهيو آهي ۽ اهو موقف اختيار ڪندو رهيو آهي ته اهي اڪثر آمريڪي مفادن جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا.

اقوامِ متحده طرفان هن اعلان تي اڄ باضابطه ردعمل اچڻ جي اميد آهي. گذريل سال جنوري ۾ ٻي مدتِ صدارت شروع ٿيڻ کان پوءِ ٽرمپ آمريڪا کي اڳ ئي عالمي ادارو صحت، پيرس موسمياتي معاهدي ۽ اقوامِ متحده جي انساني حقن واري ڪائونسل مان ڪڍي چڪا آهن.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article بلوچستان: نوڪنڊي کان سبِي تائين 400 ملين ڊالر خرچ سان ريلوي ٽريڪ اپ گريڊ ڪرڻ جو منصوبو
Next Article آمريڪي رياست يوٽاهه ۾ چرچ ٻاهران فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 6 زخمي
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي دوري دوران ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ پاڪستان…

By admin
3 Min Read

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت پاران هلائي ويندڙ ڪوڙي…

July 4, 2026

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت…

July 4, 2026

وزيراعظم شهباز شريف ايران جي دوري کانپوءِ ترڪي پهچي ويو

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ايران جي…

July 4, 2026

گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ليڪچرار جي خالي جاين لاءِ لکت وارو امتحان، 1,500 اميدوارن شرڪت ڪئي

حيدرآباد (رپورٽ: محبوب حسين بوزدار): گورنمينٽ…

July 4, 2026

سرگوڌا واقعي ۾ 7 ورهين جي نينگري سان زيادتي انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، حڪومت سان گڏ والدين جي به ذميواري آهي: مريم نواز

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير مريم…

July 4, 2026

You Might Also Like

دنيا

آمريڪا جو ”انڊيا فرسٽ“ دور ختم، 2025 پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ انقلابي تبديلي جو سال قرار

واشنگٽن مشهور آمريڪي رسالي واشنگٽن ٽائمز 2025 کي پاڪ – آمريڪا لاڳاپن ۾ انقلابي تبديلي جو سال قرار ڏيندي پنهنجي…

2 Min Read
دنيا

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي درخواست تي ايران مٿان حملا نه ڪرڻ ۽ جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽…

1 Min Read
دنيا

جرمني ۾ فائرنگ جو واقعو، 6 ڄڻا فوت، مبينا حملي آور گرفتار

برلن: جرمني جي اترئين علائقي ۾ هڪ هٿياربند شخص جي فائرنگ جي واقعي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن…

2 Min Read
دنيا

Coronavirus Resurgence Could Cause Major Problems for Presidential Election

Good web design has visual weight, is optimized for various devices, and has content that is prioritized for the medium.…

4 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?