آمريڪي رياست يوٽاهه جي گادي واري شهر سالٽ ليڪ سٽي ۾ چرچ جي ٻاهران فائرنگ جي واقعي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن.
پوليس موجب هي واقعو اربع جي شام چرچ آف جيسس ڪرائسٽ آف ليٽر ڊي سينٽس جي چيپل وٽ پيش آيو، جتي هڪ شخص جي آخري رسمن جي ادائيگي جاري هئي.
اطلاع ملڻ شرط پوليس واقعي واري هنڌ پهچي چرچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو فوت ۽ 6 زخمي ٿيا آهن، جن مان 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.
