ڪراچي: شهر جي نالن ۾ ڪچرو، ملبو يا ڪنهن به قسم جي شيءِ وجهڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڪميشنر ڪراچي جي طرفان نالي ۾ ڪچرو، ملبو يا ڪنهن به قسم جي شيءِ وجهڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي پابندي دفعو 144 تحت 2 مهينن لاءِ لڳائي وئي آهي، جنهن جو اطلاق 22 جنوري کان 22 مارچ تائين ٿيندو.
نوٽيفڪيشن مطابق پابندي جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
