• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ڇا 18هين ترميم ختم ڪرڻ ۽ ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ سان گل پلازا جهڙن واقعن نه ٿيندا؟ شرجيل ميمڻ
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ڇا 18هين ترميم ختم ڪرڻ ۽ ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ سان گل پلازا جهڙن واقعن نه ٿيندا؟ شرجيل ميمڻ

admin
Last updated: January 22, 2026 1:43 pm
admin
Share
SHARE

صوبائي وزير اطلاعات سنڌ، شرجيل ميمڻ، سوال ڪيو آهي ته ڇا اٺارهنهين ترميم ختم ڪرڻ سان گل پلازا جهڙا واقعا نه ٿيندا؟

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته سانحو گل پلازا افسوسناڪ ۽ ڏک ڀريو آهي، قيمتي جانون ضايع ٿيون آهن، ان تي هر اک اشڪبار آهي، هر پاڪستاني ان تي افسرده ۽ غمزدہ آهي.

صوبائي وزير چيو ته ڪنهن به انساني زندگي جي ڪا قيمت نه ٿي سگهي، هن سانحي کانپوءِ هڪ پوائنٽ ايجنڊا تي ڪم ڪيو پيو وڃي، لاشون ملبے مان ڪڍي وارثن کي ڏنيون وينديون، لاشن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، ڊي اين اي ذريعي لاشن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.

شرجيل ميمڻ چيو ته سانحي ۾ 86 ماڻهو لاپتہ هئا، ٻه جا پتو لڳايو ويو هو جيڪي اسپتال ۾ هئا، باقي ماڻهن جي تلاش جو عمل جاري آهي، وزيراعليٰ لاڳاپيل ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت اڪيلي نه ڇڏيندي، هر وارث کي هڪ هڪ ڪروڙ روپيا ڏنا ويندا.

هن چيو ته باھ بجھائڻ دوران هڪ فائر فائٽر شهيد ٿيو، حڪومت فائر فائٽر جي خاندان جي ڏک ۾ برابر حصيدار آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پهرين جنوري 2024 تي هڪ رپورٽ ڪميشنر ڪراچي ڏانهن موڪلي وئي، ٻئي جنوري تي ڪميشنر سڀني ڊپٽي ڪميشنرن کي هدايت ڪئي ته توهان ان جو آڊٽ ڪيو، سانحي جي جاچ رپورٽ نه اچڻ تائين ڪجهه چوڻ قبل از وقت هوندو.

شرجيل ميمڻ موجب هاڻي جاچ جاري آهي، معلوم ٿي ويندو ته گل پلازا کي نوٽيس مليو هو يا نه، جاچ ۾ سڀ حقيقتون سامهون اينديون، جتي ڪا کوتائي آهي حڪومت ڪارروائي ڪندي، واپارين جي ايسوسيئيشن کي ايس او پيز تي عملدرآمد جو پابند ڪيو ويندو، سڄي پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو عمارتون اهڙيون آهن جيڪي پراڻيون آهن ۽ انهن ۾ ايمرجنسي ايگزيٽ نه آهي.

بلديه فئڪٽري کي ساڙيو ويو، 12 مئي تي ماڻهن کي چون چون ڪري نشانو بڻايو ويو: وزير اطلاعات

پريس ڪانفرنس ۾ صوبائي وزير چيو ته ڇا 18هين ترميم ختم ڪرڻ ۽ ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ سان اهڙا واقعا نه ٿيندا؟ اهي ڳالهيون اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جن پنهنجي هٿ سان زندہ ماڻهن کي باهه ۾ ساڙيو آهي، توهان اڄ ويهي سياست ڪري رهيا آهيو، عجيب ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، الزام لڳائي رهيا آهيو، توهان جي پنهنجي سياست ڇا رهي آهي؟ جيڪڏهن توهان پيپلزپارٽي تي الزام لڳائيندا ته ڇا اسين جواب نه ڏينداسين؟

هن چيو ته مان توهان وانگر ڳالهه نه ڪندس، بلديه فئڪٽري کي ساڙيو ويو، 12 مئي تي ماڻهن کي چون چون ڪري نشانو بڻايو ويو، معصوم ماڻهن جون زندگيون وڃايون ويون، توهان جي وات مان اهڙيون ڳالهيون سٺيون نه لڳن، سانحو عاشورہ کانپوءِ توهان بولٽن مارڪيٽ کي باهه لڳائي، اها ڳالهه مان نه ٿو ڪريان، ادارن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ڪراچي: نالن ۾ ڪچرو، ملبو يا ڪنهن به قسم جي شيءِ وجهڻ تي پابندي
Next Article سکر عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي: مولانا محمد صالح انڌڙ
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

سهيل آفريدي پاڪستان جو يورپ ڏسڻ لاهور آيو آهي: عظميٰ بخاري

لاهور پنجاب جي سڌ سماءُ واري عظميٰ بخاري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي پاڪستان جو “يورپ…

1 Min Read
پاڪستان

لاڙڪاڻي ۾ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش سان ملهائي وئي، مختلف واقعا ۽ احتجاج سامهون اچي ويا

سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي…

9 Min Read
پاڪستان

سيڪيورٽي فورسز جون پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪارروايون، 32 دهشتگرد مارجي ويا

سيڪيورٽي فورسز جون خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪارروائين جي نتيجي ۾ 32 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب…

2 Min Read
پاڪستان

کراچی میں آج سے منگل تک گرمی میں اضافے کا امکان

کراچی سمیت سندھ اور بلوچستان کے بعض علاقوں میں درجہ حرارت میں اضافے کا امکان ہے۔ موسمیاتی تجزیہ کار کے…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?