جيڪڏهن ڪا انگوٽي گم ٿي وڃي ۽ ڏهاڪا گذري وڃن ته ان جي ٻيهر ملڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.
پر آمريڪي رياست نبراسڪا ۾ هڪ اهڙو انوکو واقعو سامهون آيو آهي.
هن خاندان جي ڏهاڪن اڳ گم ٿيل انگوٽي نيوجرسي جي هڪ سمنڊ ڪناري تي خزانو ڳولڻ واري هڪ شخص ميٽل ڊيٽيڪٽر جي ذريعي ڳولي لڌي.
اينڊريو شيفر نالي شخص نيوجرسي جي بالمر بيچ تان اها انگوٽي هٿ ڪئي.
هن فيصلو ڪيو ته انگوٽي جي مالڪ کي ڳولهي، جڏهن هن ڏٺو ته انگوٽي تي “BW” جا لفظ اُڪريل هئا.
هن ڪنهن طرح اها به ڄاڻ حاصل ڪئي ته هي انگوٽي نبراسڪا جي ڪريٽ هاءِ اسڪول سان لاڳاپيل آهي، جيڪو بالمر کان لڳ ڀڳ 1300 ميل پري آهي.
اينڊريو شيفر اتي جي پبلڪ لائبريري کان مدد ورتي ۽ هن معمّي کي حل ڪري ورتو.
هي انگوٽي باربرا وائيليج جي هئي، جيڪا 1966 ۾ انهي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري چڪي هئي.
باربرا جي ڀيڻ سينڊي وائيليج ٻڌايو ته اسان کي ڪا به خبر ناهي ته هي انگوٽي ايتري پري ڪيئن پهتي.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن انهن جي ڀيڻ ڏهاڪن اڳ بوسٽن ۾ رهندي هئي، تڏهن هي انگوٽي نيوجرسي جي سمنڊ ڪناري تائين ڪيئن پهتي، اهو اڃا تائين هڪ راز آهي.
