ڪراچي: سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه گل پلازا سانحي جي متاثرن کي 2 مهينن اندر دڪان تيار ڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي۔
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، عيد کان پوءِ شاهراهه ڀٽو کي ايم-9 تائين شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪجهه مهينن جي دير ٿي آهي، ٽريفڪ مسئلن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي، هي رستو روزانو 50 هزار ماڻهو استعمال ڪن ٿا۔
هن چيو ته گل پلازا بابت به ڳالهائيندس، ڪنهن به جان جو ازالو ممڪن ناهي، اسان متاثرن سان گڏ بيٺل آهيون، جنهن جي جان وئي آهي ان لاءِ حڪومت هڪ ڪروڙ رپيا ڏيندي، ۽ گل پلازا جي جاءِ تي حڪومت عمارت تعمير ڪرائيندي، هر دڪاندار کي 5 لک رپيا ڏنا ويندا ته جيئن 2 مهينن تائين گهر جو ڪچن هلي سگهي، ڪراچي چيمبر سان گڏجي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، نقصانن جو ازالو سنڌ حڪومت ڪندي، دڪانن ۾ جيڪو سامان موجود هو ان جو ازالو ڪراچي چيمبر جي مدد سان ڪيو ويندو۔
مراد علي شاهه چيو ته جيستائين گل پلازا ٻيهر تيار ٿئي، 2 مهينن تائين 5 لک رپيا ڏنا ويندا، 2 مهينن اندر کين دڪان ملي ويندا ته جيئن هو پنهنجو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪري سگهن، سنڌ انويسٽمينٽ کاتي ذريعي دڪانن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا، قرض تي سود سنڌ حڪومت ادا ڪندي، جيتريون دڪانون هيون انهن کان هڪ انچ به وڌيڪ تعمير نه ڪئي ويندي، دڪاندارن سان گڏجي گل پلازا کي ٻيهر اڏينداسين۔
هن وڌيڪ چيو ته گل پلازا واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، 80 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون آهن، ذميوارن کي سزا ڏني ويندي، اسان جون پنهنجون ڪوتاهيون آهن جن کي مان تسليم ڪريان ٿو، هن واقعي کان پوءِ ٻين صوبن ۾ به ڪميٽيون ٺهي ويون آهن، هر عمارت جو آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان سڀني کي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته اهڙو سانحو ٻيهر نه ٿئي، سروي کان پوءِ کين ٻڌايو ويندو ته هڪ هفتي اندر ڇا ڇا لڳائڻو آهي، جنهن عمارت ڪجهه به نه ڪيو ان کي سيل ڪيو ويندو، ان معاملي ۾ ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي۔
