نيويارڪ: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته اسرائيل جو اي ون (E1) آبادڪاري منصوبو فلسطيني رياست جي جاگرافيائي تسلسل لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي ۽ اهو ٻن رياستن واري حل کي شديد متاثر ڪري سگهي ٿو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي عاصم افتخار چيو ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ صورتحال ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، جتي بين الاقوامي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون جاري آهن.
هن چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن به موجوده صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جو احتساب ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
پاڪستاني نمائندي موجب والاريل اولهه ڪناري (ويسٽ بئنڪ) ۾ اسرائيلي آبادڪاري مسلسل وڌي رهي آهي، جڏهن ته اسرائيلي آبادڪارن جي تشدد وارن واقعن ۾ پڻ نمايان اضافو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته اي ون منصوبو فلسطيني علائقن جي جاگرافيائي يڪجهتي کي ٽوڙي ڇڏيندو، جنهن سان مستقبل جي آزاد فلسطيني رياست جو قيام وڌيڪ ڏکيو ٿي ويندو.
عاصم افتخار وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي تازي رپورٽ موجب والاريل فلسطيني علائقن ۾ 4,750 نون رهائشي يونٽن جي منظوري هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي پيش رفت آهي. هن چيو ته اهڙا قدم ٻن رياستن واري حل جي امڪانن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن.
پاڪستاني مستقل نمائندي اهو به چيو ته فلسطيني اٿارٽي لاءِ مالي وسيلن جي روڪٿام، فلسطيني ادارن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ حڪمراني جي نظام کي مفلوج بڻائڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا علائقي ۾ عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿي.
هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ بين الاقوامي قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهڙا قدم کنيا وڃن جيڪي امن عمل ۽ ٻن رياستن واري حل جي حمايت ڪن.
واضح رهي ته اسرائيل گذريل سال اي ون منصوبو منظور ڪيو هو، جنهن جو مقصد والاريل اولهه ڪناري ۽ اوڀر يروشلم جي وچ واري علائقي ۾ 3,401 نوان گهر اسرائيلي آبادڪارن لاءِ تعمير ڪرڻ آهي. ڪيترائي ملڪ ۽ عالمي ادارا هن منصوبي تي خدشا ظاهر ڪري چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ اهو مستقبل جي فلسطيني رياست جي جاگرافيائي تسلسل ۽ ٻن رياستن واري حل کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
