غزہ: اسرائيل رفح ڪراسنگ 2 سال بعد پيادل آمدورفت لاءِ کوليو.
عربي ميڊيا موجب، اسرائيل غزہ ۽ مصر جي وچ رفح ڪراسنگ ٻه سال بعد پيادل هلندڙ ماڻهن لاءِ ٻيهر کوليو آهي، جتي سخت سيڪيورٽي چيڪ کان پوءِ روزانو تقريباً 150 فلسطيني غزہ مان ٻاهر وڃڻ ۽ 50 فلسطيني غزہ ۾ داخلا حاصل ڪندا.
رپورٽ موجب هڪ اسرائيلي سيڪيورٽي اهلڪار ٻڌايو ته يورپي مانيٽرنگ ٽيمون رفح ڪراسنگ تي پهچي چڪيون آهن، جڏهن ته ٻي پاسي، ڪراسنگ کولجڻ باوجود، غير ملڪي صحافي اڃا تائين غزہ ۾ داخلا نٿا ڪري سگهن.
واضح رهي ته اسرائيل مئي 2024 ۾ رفح ڪراسنگ تي قبضي ڪري ان کي آمدورفت لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو.
