لاهور: آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور کي تبديل ڪري ڇڏيو ويو آهي.
پنجاب حڪومت جي ذريعن موجب، ڊاڪٽر عثمان انور جي جاءِ تي رائو عبد الڪريم نئون آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي، وفاقي حڪومت جي ذريعن موجب ڊاڪٽر عثمان انور کي ڊي جي ايف آءِ اي مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته ڊاڪٽر عثمان انور کي جنوري 2023 ۾ آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو هو.
