پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف ننڍين صنعتن کي هٿي ڏيڻ جو وڏو پلان جوڙي ڇڏيو آهي جنهن ۾ مختلف ضلعن کي مقامي پيداوار، مهارت ۽ ضرورت موجب انڊسٽريل هب ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعليٰ مريم نوازشريف پنجاب اڪنامڪ ٽرانسفارميشن ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا 11 ميمبرن تي ٻڌل هوندي. ڪميٽي جي سربراهي سينئر وزير مريم اورنگزيب ۽ سيڪريٽري فنانس ڪميٽي جا سيڪريٽري هوندا.
پنجاب اڪنامڪ ٽرانسفارميشن ڪميٽي ڊسٽرڪٽ ليول وار اڪنامڪ ميپنگ جي ذريعي پوٽينشل جي نشاندهي ڪندي. اڪنامڪ ٽرانسفارميشن ڪميٽي ضلعن ۾ انڊسٽري ڪلسٽر ٺاهڻ جي لاءِ سيڪٽرز جي ترجيحات جو تعين ڪندي.
اڪنامڪ ٽرانسفارميشن ڪميٽي عمل جوڙا اشارا، ڊگهي ۽ وڏي مدي جي ٽائيم لائين به مقرر ڪندي. اڪنامڪ ٽرانسفارميشن ڪميٽي پرائيويٽ سيڪٽرز کي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کان پوءِ سيڪٽر وائز قابل عمل پلان تيار ڪندي. اڪنامڪ ٽرانسفارميشن ڪميٽي اسڪل ڊوالپمينٽ پروگرام جي ذريعي لاڳاپيل انڊسٽري جي ضرورتن موجب هيومن ريسورس تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي.
اڪنامڪ ٽرانسفارميشن ڪميٽي مقامي طور تي تيار ڪيل ويليو ايڊڊ پروڊڪٽ کي گلوبل ويليوچين سان جوڙڻ جي لاءِ قدم کڻندي. اڪمانڪ ٽرانسفارميشن ڪميٽي اڪنامڪ گروٿ جي لاءِ پائيدار ايڪوسسٽم جي جوڙجڪ تي به ڪم ڪندي.
ساهيوال ۾ ڊيري پروڊڪٽ، لاهور ۾ آءِ ٽي سافٽ ويئر، گارمينٽ سٽي، ميٽ ۽ ليدر جڏهن ته فيصل آباد ۾ ٽيڪنيڪل ٽيڪسٽائيل، فرنيچر سٽي ۽ ڊيري پراسيسنگ جو جائزو ورتو ويندو. گوجرانوالا ۾ سرجيڪل ۽ اسپورٽس، گجرات ۾ فين رائيس ايڪسپورٽ ۽ اپلائنسس ڪلسٽر ٺاهڻ جي تجويز آهي.
