گورنر سنڌ محمد نهال هاشمي پنهنجي گھرواري سان گڏ پيپلز پارٽي اڳواڻ سينيٽر شيرين رحمان جي ڌيءَ جي وفات تي سندس گهر ويو ۽ مرحومہ لاءِ مغفرت، درجات جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. گورنر سنڌ چيو ته هو ڏک جي هن گھڙي ۾ سوڳوار خاندان سان گڏ آهي. راندين جو مملڪتي وزير کھيل داس ڪوهستاني، مراڪش جو اعزازي قونصل جنرل مرزا اشتياق بيگ، سنڌ ۾ فيڊريشن جو ترجمان راجا انصاري، مسلم ليگ (ن) جا سينئر اڳواڻ علي اڪبر گجر، خرم ڀٽي ۽ رضا علي عابدي پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
