ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ساره جاويد جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان بابت قائم ضلعي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ منعقد ٿيو۔
هن موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ۽ چيئرمين ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ساره جاويد چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت طرفان نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جوڙيل آهي، جنهن ۾ پوليس، ايڪسائيز، خفيه ادارن جا ضلعي سربراهه، خوراڪ، زراعت، انرجي، ليبر، سوشل ويلفيئر، وومين ڊيولپمينٽ، اوقاف ۽ زڪوات سميت ٻين کاتن کي شامل ڪيو ويو آهي۔ ڪميٽي جو مقصد غيرقانوني ۽ نان ڪسٽم پيڊ شين جي روڪٿام ڪرڻ آهي۔ ڊپٽي ڪمشنر پاران سمورن کاتن کان گذريل مهيني جي ڪاررواين بابت معلومات ورتي وئي، ۽ سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته هو جلد پنهنجون رپورٽون جمع ڪرائين ته جيئن اهي رپورٽون وفاقي ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي ڏانهن اماڻيون وڃن۔
ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ساره جاويد وڌيڪ چيو ته ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي سڀئي آفيسر ضلعي انتظاميه سان رابطي ۾ رهن ۽ پنهنجا موبائل فون هميشه پاڻ وٽ رکن، دشمن پاران ڦهلايل غلط پروپيگنڊا جو مؤثر ۽ فوري جواب ڏنو وڃي ته جيئن ڪوڙين خبرن سبب افراتفري پيدا نه ٿئي۔
هن ڪميٽي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي هدايتن تي عمل ڪندي ڪارروايون تيز ڪن ته جيئن انهن ڪاررواين جون رپورٽون ايپڪس ڪميٽي ڏانهن اماڻي سگهجن۔
پينو ٻارن ۽ فقيرن خلاف بيگر ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٻارن جي تحفظ لاءِ تحفظ سينٽر قائم ڪرڻ، روزمره استعمال جي شين جي غيرقانوني ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي، منشيات جي روڪٿام، مدرسن جي رجسٽريشن ۽ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد لاءِ پڻ خاطرخواهه قدم کنيا وڃن۔ ڊپٽي ڪمشنر طرفان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مير شڪيل احمد کي هدايت ڪئي وئي ته هو ڊيوائس هولڊرز سان ميٽنگ ڪري شڪايتن جو ازالو ڪن ۽ مستحق عورتن جا جلد ڊجيٽل والٽ اڪائونٽ کولرائن ته جيئن شفاف طريقي سان رقم مستحق عورتن تائين پهچي سگهي۔
اطلاعات کاتو حڪومت سنڌ، سانگھڙسانگھڙ (هينڊ آئوٽ 26 مارچ 2026)
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
