۔ چوريون روز جو معمول بڻيل ۔ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ۔ ھڪ مھيني اندر چور ستن دڪانن کي کاٽ ھڻي ۽ تالا ٽوڙي لکيت ماليت جون چوريون ڪري آساني سان فرار ۔ دڪاندارن جو چورن جي گرفتاري ۽ چوري ٿيل روڪ رقم ۽ سامان ھٿ ڪرڻ جو مطالبو ۔ ڀرياسٽي جي دڪاندارن عارف راجپوت ۔ عبدالستار راجپوت ۔ عباس خاصخيلي ۔ غفور سندھو ۔ طيب کرل ۽ ٻين لکين ماليت جي چوري ٿيل دڪان آڏو سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي دڪاندار عارف راجپوت ٻڌايو ته رات 12 وڳين ڌاري چور دڪان جي ڇت پٽي لکين ماليت جا ھار چوري ڪري ڀڄي رھيو ھو ته اطلاع ملڻ تي شھرين ۽ چوڪيدارن جي مدد سان چور کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھو ڀڄي ويو ۔ جنھن کي سڃاتو سين سندس سڃاڻپ آصف پٽ جانو ڪلھوڙو آھي ۔ ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته چور ٻه ڪٽا ھارنن جا کڻي ويو ۽ ھڪ ڪٽو ڦٽي ڪيو ۔ جنھن بعد شھرين ۽ چوڪيدار سان گڏجي ڀرياسٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي ۔ دڪاندارن وڌيڪ ٻڌايو ته چور ھڪ مھيني اندر ست دڪاندارن عارف راجپوت ۔ شاھنواز سولنگي ۔ علي گوھر سولنگي ۔ زين راجپوت ۔ عبدالجبار مري ۔ نادر کرل ۔ قربان جوڳي جي دڪانن کي کاٽ ھڻي ۽ تالا ٽوڙي روڪ رقم ۽ لکين روپين جو سامان ٻوھاري ويا ۔ پر ڀرياسٽي پوليس ھن مھل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ۽ چور سرعام چوريون ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا ۔ ھنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۔ ڊي ايس پي ڀريا ۔ ايس ايڇ او ڀريا سميت اعلي اختيارين کان پرزور مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته چورن کي قانون جي پڪڙ آڻي چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي نه ته ٻي صورت دڪاندار احتجاج جو دائرو وسيع ڪندا ۔ ھوڏانھن ميڊيا تي خبرون ھلڻ بعد ايس ايڇ او لال ڏنو شر متاثر دڪاندار وٽ پھچي تفصيل وٺڻ بعد خاطري ڪرائي ته جلد چور گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو ويندو ۔
۔
ڀرياسٽي ۾ بدامني تي ظابطو نه اچي سگھيو ۔ چورن تر تپائي ڇڏيو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
