تفصيل: صوبائي وزير لائيواسٽاڪ ۽ فشريز محترم محمد علي ملڪاڻي جي خاص هدايتن تي پهرين اپريل کان سڄي سنڌ جيان ضلعي بدين ۾ به چوپائي مال جي پالنا واري کاتي پاران برساتن دوران جانورن ۾ وچڙندڙ بيمارين کان بچاء لاء حفاظتي ٽڪن جي مهم جو آغاز ٿي ويو۔ ڊاڪٽر دودو چانڊيو ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيواسٽاڪ بدين پنهنجي ٽيم ڊاڪٽر ياسر نواز سومرو, ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عبدالحفيظ سومرو سان گڏ ساحلي پٽي جي ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ ۾ حفاظتي ٽڪن واري مهم جو افتتاح ڪيو۔ انهي موقعي تي يونين ڪائونسل ڀڳڙاميمڻ جو چيئرمين محمد عمر ميمڻ, فاروق ميمڻ, ابراهيم ميمڻ ۽ ٻيا مالوند موجود هئا۔ سنڌ سرڪار پاران شروع ڪيل حفاظتي ٽڪن جي مهم کي مالوندن تمام گهڻو ساراھيو۔ انهي موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر دودو چانڊيو ٻڌايو ته ضلعي بدين جي پنجن ئي تعلقن ۾ تعلقه سطح تي ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن جيڪي يونين ڪائونسل سطح تي چوپائي مال کي حفاظتي ٽڪا لڳائينديون۔ اڄ کان ضلعي بدين جي اٺن يونين ڪائسلن کان ڪارپيٽ ويڪسينيشن مهم جو آغاز ٿي ويو آهي۔ انهي سلسلي ۾ ضلعي بدين جي 68 يونين ڪائونسلن سميت ڪل 75 ويڪسينيشن بلاڪ ترتيب ڏنا ويا آهن۔ ٻوڏ ۽ برساتن دوران جيڪي يونين ڪائونسلون وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون انهن کي درجابندي جي بنياد تي اوليت تي رکيو ويو آهي۔ چوپائي مال کي وچڙندر بيمارين کان بچائڻ لاء سمورو ضلعو حدف تي رکيو ويو آهي انهي مهم ۾ ضلعي بدين ۾ 19 ويٽرنري آفيسر ۽ 13 پرائيوٽ عملو حصو وٺندو۔ ويڪسينيشن جي ڪم کي اثرائتو بنائڻ لاء ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ سنڌ ڊاڪٽر حزب الله ڀٽو ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نوبت کوسو هلندڙ مهم جي خاص نگراني ڪندا ۽ ڳوٺن جا دورا ڪري عملي جي موجودگي ۽ ڪم جو جائزو وٺندا ۔ ڊاڪٽر دودو چانڊيو وڌيڪ چيو ته سڀني ٽيمن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته چونڊيل نمائندن ۽ علائقي جي سماجي اڳواڻن کان سهڪار ورتو وڃي جيئن شروع ڪيل مهم کي ڪاميابي سان سرانجام ڏيئي سگهجي۔ گڏوگڏ مالوند ڀائرن کي به گذارش ٿي ڪجي ته ضلعي ۾ هلندڙ حفاظتي ٽڪن واري مهم کي ڪامياب بنائڻ لاء ڳوٺن ۾ ايندڙ ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪيو وڃي۔ سانوڻي جي مند ۾ مينهن ۽ ڍڳين ۾ گابو گيٽو ۽ رڍن ۽ ٻڪرين ۾ رتاوان دست ۽ ڦڦڙي جهڙيون موذي بيماريون منهن ڪڍن ٿيون جيڪي چوپائي مال ۾ موت جو سبب بنجن ٿيون۔ انهن مهلڪ بيمارين کان بچڻ جو واحد ذريعو حفاظتي ٽڪا آهن۔
