• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: صوبي جي هر غريب شهري تائين پيٽرول ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي: وڏو وزير
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

صوبي جي هر غريب شهري تائين پيٽرول ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي: وڏو وزير

admin
Last updated: April 6, 2026 7:12 am
admin
Share
SHARE

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سموري سنڌ ۾ ٽرانسپورٽرز پنهنجن ڀاڙن ۾ اضافو نه ڪندا، صوبي جي هر غريب شهري تائين پيٽرول ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته روٽ پرمنٽ تي هلندڙ مني بس، بس، ڪوسٽر ۽ ننڍن شهرن ۾ هلندڙ سوزوڪي جي مسافرن کي رليف ڏنو ويندو. جڏهن ته انٽر سٽي بسن جي مهانگن ڊيزل جا خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. هن چيو ته ٽرانسپورٽرز جي ذريعي عوام کي فائدو پهچايو پيو وڃي خوشي آهي ته ٽرانسپورٽرز حڪومت سان تعاون ڪري رهيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته بسن کي هڪ لک روپيه وفاقي حڪومت جي ذريعي صوبائي حڪومتن کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، جيڪڏهن فيول جي لاڳت وڌي ٿي ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽرز سان تعاون ڪندي ته جيئن اهڙي صورتحال ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ اضافو نه ٿئي.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ سبسڊي ۽ عوامي رليف بابت اهم اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ، ناصر حسين شاهه، مڪيش ڪمار چاوله، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي سميت ٻيا آفيسر به شريڪ ٿيا.

اجلاس جي دوران وڌندڙ پيٽروليم قيمتن کي نظر ۾ رکندي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي مختلف قدمن تي غور ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪندي شهرين کي وڌ کان وڌ سهولت ڏني وڃي. هن واضح ڪيو ته ٽرانسپورٽرز جي لاءِ پيڪيج متعارف ڪرائڻ جو مقصد ڀاڙن ۾ اضافي کي روڪڻ آهي ته جيئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته خطي جي موجوده صورتحال جي حوالي سان عوامي تعاون انتهائي ضروري آهي پوري قوم کي سادگي اختيار ڪندي وسيلن کي محتاط استعمال کي يقيني بنائڻو پوندو. هن زور ڏنو ته بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي بچت وقت جي اهم ضرورت آهي اسان جي عوام باشعور آهي، ماڻهو حالتن کي سمجهنڊي ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان موجب اجلاس ۾ رليف پيڪيج جو تفصيلي جائزو به ورتو ويو ۽ مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article 6-4-2026
Next Article موسميات کاتي جي سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي کان پوءِ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي: شرجيل ميمڻ
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

علاقائي

جماعت اصلاح المسلمين ضلع خيرپور زون 2 جي اهم گڏجاڻي، نَوَن عھديدارن جي حلف برداري ۽ تربيتي ورڪشاپ فيبروري جي پهرين هفتي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو

خيرپور جماعت اصلاح المسلمين ضلع خيرپور ميرس زون 2 جي هڪ اهم ضلعي گڏجاڻي ڳوٺ فيض محمد موجائي ۾ ضلعي…

2 Min Read
پاڪستان

ڪراچي: قتل کان پوءِ به جنسي زيادتي ڪئي، 6 ورهين جي ٻارڙي جي قتل جي جاچ جاري، جوابدار جا اهم انڪشاف

ڪراچي جي لي مارڪيٽ ۾ 6 ورهين جي عبدالولي جي قتل جي جاچ جاري آهي جڏهن ته گرفتار جوابدار حمزه…

3 Min Read
پاڪستان

سکر ۾ رمضان بچت بازار ڪاميابي سان مڪمل، آفيسرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ

سکر: 31 مارچ 2026رمضان المبارڪ جي مهيني دوران سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت روينيو کاتي ۽ بيورو آف سپلاءِ سکر…

2 Min Read
پاڪستان

گهرو وزير جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات، علاقائي ۽ عالمي امن تي خيالن جي ڏي وٺ

گهرو وزير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ علاقائي ۽ عالمي امن تي خيالن جي…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?