• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: صوبي جي هر غريب شهري تائين پيٽرول ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي: وڏو وزير
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

صوبي جي هر غريب شهري تائين پيٽرول ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي: وڏو وزير

admin
Last updated: April 6, 2026 7:12 am
admin
Share
SHARE

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سموري سنڌ ۾ ٽرانسپورٽرز پنهنجن ڀاڙن ۾ اضافو نه ڪندا، صوبي جي هر غريب شهري تائين پيٽرول ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته روٽ پرمنٽ تي هلندڙ مني بس، بس، ڪوسٽر ۽ ننڍن شهرن ۾ هلندڙ سوزوڪي جي مسافرن کي رليف ڏنو ويندو. جڏهن ته انٽر سٽي بسن جي مهانگن ڊيزل جا خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. هن چيو ته ٽرانسپورٽرز جي ذريعي عوام کي فائدو پهچايو پيو وڃي خوشي آهي ته ٽرانسپورٽرز حڪومت سان تعاون ڪري رهيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته بسن کي هڪ لک روپيه وفاقي حڪومت جي ذريعي صوبائي حڪومتن کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، جيڪڏهن فيول جي لاڳت وڌي ٿي ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽرز سان تعاون ڪندي ته جيئن اهڙي صورتحال ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ اضافو نه ٿئي.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ سبسڊي ۽ عوامي رليف بابت اهم اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ، ناصر حسين شاهه، مڪيش ڪمار چاوله، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي سميت ٻيا آفيسر به شريڪ ٿيا.

اجلاس جي دوران وڌندڙ پيٽروليم قيمتن کي نظر ۾ رکندي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي مختلف قدمن تي غور ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪندي شهرين کي وڌ کان وڌ سهولت ڏني وڃي. هن واضح ڪيو ته ٽرانسپورٽرز جي لاءِ پيڪيج متعارف ڪرائڻ جو مقصد ڀاڙن ۾ اضافي کي روڪڻ آهي ته جيئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته خطي جي موجوده صورتحال جي حوالي سان عوامي تعاون انتهائي ضروري آهي پوري قوم کي سادگي اختيار ڪندي وسيلن کي محتاط استعمال کي يقيني بنائڻو پوندو. هن زور ڏنو ته بجلي، گيس ۽ پيٽرول جي بچت وقت جي اهم ضرورت آهي اسان جي عوام باشعور آهي، ماڻهو حالتن کي سمجهنڊي ذميواري جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان موجب اجلاس ۾ رليف پيڪيج جو تفصيلي جائزو به ورتو ويو ۽ مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article 6-4-2026
Next Article موسميات کاتي جي سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي کان پوءِ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي: شرجيل ميمڻ
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

علاقائي

سکر جي علائقي گلشنِ اقبال، نزد قريشي ڳوٺ، يوسي 6، جيئي شاه ٽائون ۾ گٽرن جي باقاعده صفائي نه ٿيڻ سبب سخت مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.

علائقي جي گٽرن جو گندو پاڻي اوور فلو ٿي مسجد اندر داخل ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري نمازين کي عبادت…

1 Min Read
پاڪستان

معرڪو حق ۾ پاڪستان کي واضح فوجي ۽ سفارتي برتري حاصل ٿي: برطانوي ريسرچ فرم

لنڊن: برطانوي ريسرچ اينڊ ڪميونيڪيشن فرم پلي بڪ (Playbook) معرڪو حق بابت پنهنجي تحقيقي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته…

1 Min Read
پاڪستان

جوا پروموشن ڪيس: يوٽيوبَر سعد الرحمان عرف ڊڪي سميت ٻين جوابدارن کي فردِ جرم لاءِ طلب

لاهور: مقامي عدالت يوٽيوبَر سعد الرحمان عرف ڊڪي کي جوا پروموشن واري ڪيس ۾ فردِ جرم لاءِ طلب ڪري ورتو…

2 Min Read
پاڪستان

محمود خان اچڪزئي سان گڏ آزاد ڪشمير ويندڙ مخالف ڌر جي وفد کي راولپنڊي–ڪهوٽه روڊ تي روڪيو ويو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي سان گڏ آزاد ڪشمير ويندڙ مخالف ڌر جي…

4 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?