• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: لاڙڪاڻي ۾ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش سان ملهائي وئي، مختلف واقعا ۽ احتجاج سامهون اچي ويا
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

لاڙڪاڻي ۾ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش سان ملهائي وئي، مختلف واقعا ۽ احتجاج سامهون اچي ويا

admin
Last updated: May 29, 2026 2:58 pm
admin
Share
SHARE

سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي شهر جي جناح باغ، ذوالفقار باغ، ٽئنڪ چوڪ، درگاهه رحمت پور، لاهوري محلا، سچل ڪالوني، ايوب ڪالوني، ڪوثر مل، غالب نگر، ڀينس ڪالوني، نظر محلا سميت ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ عيد جا وڏا اجتماع ٿيا جتي وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪري عيد نماز ادا ڪري ملڪي بقا، سلامتي، خوشحالي توڙي پاڪ فوج جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون. عيد جي موقعي تي ضلعي پوليس طرفان ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري جي هدايتن تي سمورن عيدگاهن، امام بارگاهن ۽ عيد اجتماعن جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪندي وڏي تعداد ۾ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو. شهرين طرفان عيد نماز جي ادائيگي بعد سنتي ابراهيمي جو فرض ادا ڪندي مختلف جانورن جي قرباني ڪئي ۽ جانورن جو گوشت پاڙيسرين، مٽ مائٽن ۽ دوستن ۾ ورهايو.

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا ۾ نوجوان بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا واسي 24 ورهين جو نالي مٺو پٽ عبدالمجيد عمراڻي بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته نالي مٺو گهر اندر پاڻي واري موٽر هلائي رهيو هو جيڪو ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو جنھن کي اسپتال منتقل ڪيو جتي هو فوت ٿي ويو آهي. ٻئي طرف اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو عيد جون خوشيون ماتم تبديل ٿي ويون.

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻو شيخ زيد وومين اسپتال ۽ چانڊڪا ٻارن جي اسپتال جو دورو جتي هن ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا مريضن جي عيادت ڪئي. دوري دوران جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ايڇ آءِ وي مريضن بابت ڊاڪٽرن سان صلاح مشورا ڪيا. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ايڇ آءِ وي مريضن بابت ڊاڪٽرن کي بهتر علاج فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون.

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) مديجي ۾ مبينا طور گهرو اڻبڻت تان 30 سالن جي پورهيت نوجوان محمد هاشم پٽ سلطان بروهي ڦاهو کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائييندي کيس طبي امداد ڏني. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ پورهيت نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نوجوان گهرو وزير تان پاڻ کي گهر جي ڪمري ۾ بند ڪري ڦاهو کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي آهي.

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون ۽ لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر خيرمحمد شيخ، سنڌ بئنڪ جي ڊپٽي سي اي او سيد اسد علي شاهه سان چيمبر آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ميمبرن جي نئين ميمبرشپ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. گڏجاڻي ۾ صدر خير محمد شيخ سنڌ بيئنڪ جي ڊپٽي سي اي او سيد اسد علي شاهه کي ڀليڪار ڪندي سندس والد مرحوم جسٽس سيد ديدار حسين شاهه کي صدر پاڪستان جي طرفان ستاره امتياز ملڻ تي خراج تحسين پيش ڪئي. گڏجاڻي ۾ صدر جي هدايت موجب نئين ميمبرشپ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ۾ 12 نوان ميمبرشپ فارم جا ڪيس ايگزيڪوٽو ڪاميٽي ميمبرن آڏو پيش ڪيا ويا جن جي پڻ منظوري ورتي وئي ۽ نئين ميمبرشپ پڻ جاري آهي. بعد ۾ صدر اڳوڻي صدور، ايگزيڪوٽو ڪاميٽي ميمبرن جي مان ۾ عيد ملن جي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ هڪٻئي کي عيد جي مبارڪباد پيش ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ سينئر نائب صدر، هريش لال، نائب صدر، جمال مصطفى شيخ، ۽ سابقه صدور محمد علي شيخ، احمد علي، بشير احمد ايم پريل، مسعود احمد، آصف رضا، نول راءِ، منور نديم، ايگزيڪوٽو ڪاميٽي ميمبرن رسول بخش شيخ، شمشاد احمد، عبدالرزاق شيخ، عطا حسين کچي، عبداللطيف ۽ علي رضا کوکر، عبدالرزاق بروهي، جاويد مراد، وسيم احمد شيخ ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙن سنگرار روھڙي جي پريا ڪماري، ميھڙ جي اجالا سولنگي، ٺل جي فيضلا سرڪي، نئون ديرو جو ساحل ڪوريجو، جيڪب آباد جي نويد لاشاري جي بازيابي لاءِ لاڙڪاڻو ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي وڪيل اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جناح چونڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان مظاهرين ڊسٽرڪٽ بار جي صدر وڪيل جاويد بليدي، اڳوڻي صدر وڪيل رفيق احمد ابڙو، پي ٽي آءِ اڳواڻ وڪيل رئوف ڪورائي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر اعتزاز گائينچو، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ڪامريڊ علي حسن وڪو، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻن محمد خان چانڊيو، مقبول راھوجو، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻن لياقت عمراڻي، غلام رسول عمراڻي ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن جي اغوا جون وارڌاتون وڌنديون پيون وڃن ۽ سالن وٺي سنڌ جون اغوا ٿيل نياڻين کي هن محل تائين بازياب نه ڪرايو وڃي جنهن سبب سندن جا وارث پريشان آهن ته ٻئي طرف سنڌ جو وزير اعلي چوي پيو ته اسين شرمسار آهيون ،جڏهن ته پٺاڻن جي نياڻي اغوا ٿي ته انهن پنهجي اغوا ٿيل نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪوئيٽا سميت ٻين علائقن مان سنڌ جو رخ ڪيو ته سنڌ پوليس تحرڪ ۾ اچي وئي ۽ اها نياڻي ڪلاڪن اندر بازياب ٿي وئي ته سنڌ جون نياڻيون ڇو نه پيو بازياب ٿين. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ مان اغوا ٿيل نياڻين کي بازياب ڪرائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي آريجا روڊ واري علائقي جي رهواسي پيرسن بااثرن جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن حسين بخش ڪلهوڙو دانهيندي چيو ته ٽي مهينا اڳ مان مگسي ذات جي همراهه کان مسواڙ تي جڳهه ورتي جنهن ۾ مان رهائش اختيار ڪري ويٺو آهيان. هن الزام لڳايو ته پاڙيسري بااثر ڪوٽو ڪورڪاڻي مون کي جڳهه مان لڏائي ڄاڻايل جڳهه مسواڙ تي وٺڻ چاهي ٿو جنهن ڪالهه مون مٿان غلط الزام لڳائي پنهنجي پٽن علي بخش ڪورڪاڻي ۽ ٻين سان گڏجي گهر ۾ گهڙي مون کي تشدد جو نشانو بڻائي موتمار ڌمڪيون ڏنيون اهڙي دانهن کڻي وليد ٿاڻي تي مقرر منشي طفيل احمد عمراڻي ۽ ٻين کي ڏني جن تدارڪ ڪرڻ بجاءِ بااثرن جي وانگار وهندي منهنجي شڪايت درج نه ڪئي ۽ نه ئي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪئي جنهن ڪري بااثرن مان مون کي جاني ۽ ماني نقصان جو خدشو آهي. منهنجي لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل آهي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article بدين ۾ چورين جي وڌندڙ وارداتن خلاف رهواسين جو احتجاج، پوليس تي بي عملي جا الزام
Next Article نوشهروفيروز ۾ نافرمان پٽ جي تشدد کان تنگ پيرسن ماءُ پيءُ جي دانهه، گرفتاري جو مطالبو
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

کوٹ غلام محمد: قومی عوامی تحریک کی جانب سے “متحد سندھ، مضبوط سندھ” مہم کے تحت احتجاجی مظاہرہ

کوٹ غلام محمد (رپورٹ): کوٹ غلام محمد میں سجاڳ ٻار تحریک اور قومی عوامی تحریک کی جانب سے "متحد سندھ،…

2 Min Read
پاڪستان

سانگهڙ: ڊپٽي ڪمشنر ساره جاويد پاران يومِ عاشورا تي عزاداري انتظامن جو جائزو

ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد يومِ عاشور جي موقعي تي شهدادپور ۽ سانگهڙ جي مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو…

1 Min Read
پاڪستان

مولانا فضل الرحمان جو قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو، جمعي تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان

جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، اڳوڻي ايم پي اي ۽ نامياري عالمِ دين مولانا…

2 Min Read
پاڪستان

پ پ اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث 12 جوابدارن کي عدالت سزا ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پ پ جي مقامي اڳواڻ راجا ناصر حنيف سميت 4 ڄڻن جي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?