سکر :جھانگير خان سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او احمد علي شر پيشاورانه مهارت ۽ چوڪسي جو مظاهرو ڪندي ڪجهه مهينا اڳ ٿيل چوري جي واردات جو پتو لڳائي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪارروائي دوران پوليس شهري جهانگير خان جي گهر مان چوري ٿيل هڪ ايل سي ڊي برآمد ڪري ورتي آهي، جڏهن ته باقي سامان جي برآمدگي لاءِ به ڪوششون جاري آهن.
تفصيل موجب، ڪجهه مهينا اڳ نامعلوم ملزمن جهانگير خان جي گهر ۾ گهڙي قيمتي سامان چوري ڪري ورتو هو، جنهن ۾ ايل سي ڊي سميت ٻيون گهريلو شيون شامل هيون. واقعي کان پوءِ سي سيڪشن پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي ۽ مختلف پاسن تي تحقيق ڪندي آخرڪار هڪ ايل سي ڊي برآمد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي.
ايس ايڇ او احمد علي شر چيو ته باقي سامان جي برآمدگي لاءِ به ڀرپور ڪوششون جاري آهن ۽ جلد سڀ شيون برآمد ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته چوري ۾ ملوث جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو ته جيئن شهري کي مڪمل انصاف فراهم ڪري سگهجي.
ٻئي طرف، شهري حلقن جو چوڻ آهي ته احمد علي شر جي سي سيڪشن ٿاڻي تي مقرري کان پوءِ علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ ماڻهو هاڻي اڳ کان وڌيڪ سڪون ۽ اطمينان محسوس ڪن ٿا. هن عزم جو اظهار ڪيو ته پنهنجي حدن اندر امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف بنا امتياز ڪارروائيون جاري رهنديون.
شهرين هن ڪامياب ڪارروائي کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته پوليس اهڙي ئي موثر قدم کڻي ڏوهن جو خاتمو يقيني بڻائيندي.
