نوشهروفيروز: ڊر
نوشهروفيروز جي شاهی بازار ۾ آمين ڪميونيڪيشن جو مالڪ ماجد علي مغل نيشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته ڪالهه شام تقريبن 4 وڳي کيس ڌوڪي سان يو فون فرنچائز تي گهرائي وارث آرائين، عمران علي آرائين ۽ راشد علي شاهه مٿس تشدد ڪيو ۽ سندس ڊيوائس کسي وئي.
ماجد علي مغل جو چوڻ هو ته جوابدارن کيس مارڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي،پر ماڻھو گڏ ٿي وڃڻ ڪري بچي ويس جڏهن ته هو ڪافي ڏينهن کان کيس بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته واقعي بابت پوليس کي شڪايت پڻ ڏني آهي.پر پوليس به ڪجھ نه ڪيو آھي
هن وزيراعظم پاڪستان، چيئرمين پي ٽي اي، وڏي وزير سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
ماجد علي مغل وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن کيس انصاف نه مليو ته هو ايس ايس پي آفيس آڏو انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿيندو، جنهن جي ذميواري ڄاڻايل ماڻھو ھوندا۔
