گورنمينٽ ماڊرن ھاء اسڪول سکر ۾ جشنِ عيد ميلادالنبي صه جي روح پرور تقريب ۔
مشتاق علي لنڊ
سرور ڪائنات , فخر موجودات , رحمت للعالمين حضرت محمد مصطفىٰ صلي الله عليه و آله وسلم جي ولادت باسعادت انسانيت لاءِ هدايت، رحمت، اخلاق ۽ امن جو اهو روشن باب آهي، جنهن جي روشني صدين کان دلين کي منور ڪندي اچي ٿي. اهڙي ئي عقيدت، محبت ۽ روحاني جذبي سان جشنِ عيد ميلادالنبي صلي الله عليه و آله وسلم جي ضلعي سطح جي ھڪ شاندار تقريب گورنمينٽ (ن) ماڊرن هاءِ اسڪول سکر ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب جا مهمانِ خاص حافظ شهاب الدين انڍڙ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري سکر ريجن سکر هئا، جڏهن ته تقريب جي ميزباني غلام مرتضيٰ شاھ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري ضلع سکر ڪئي. روح پرور تقريب جي انتظامن ۽ آرگنائيزنگ جون ذميواريون جاويد حميد قريشي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري ضلع سکر سھڻي نموني سان نڀايون. تقريب ۾ محترم شفقت حسين ڪلوڙ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ضلع سکر , افضل بيگ صاحب ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس , طاھر حميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري( ميل )تعلقه سکر سٽي , علي حسن جتوئي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري (ميل ) نئون تعلقه سکر , فضل الله مھيسر تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري (ميل) تعلقه پنو عاقل , سائين سيد ذاڪر حسين شاھ , محترم عبدالله ڪورائي صاحب , ميڊم رخسانه لاشاري , ميڊم روبينه ۽ ضلعي سکر جي ٻين تعلقن جي تعلقه ايجوڪيشن آفيسرن،( مرد / عورت ) آفيسرن , هيڊ ماسترن ، هيڊ مسٽريسز ، مانوارن استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اسڪول جو ماحول نعتن جي مٺڙي گونج، قرائتِ قرآن جي روحاني سرور ۽ ٻارن جي عقيدت ڀرين تقريرن سان معطر ٿي ويو. جشنِ عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي سلسلي ۾ قرائت، نعت ۽ تقريرن جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، جن ۾ ضلعي جي هر تعلقي مان ٽن ٽن شاگردن / شاگردياڻين پنهنجي قابليت ، علم ۽ عقيدت جو خوبصورت اظهار ڪيو. ننڍڙن گلن جهڙن ٻارن جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي مبارڪ سيرت، حسن اخلاق ۽ مبارڪ سنتن جو ذڪر ڪيو ته تقريب ۾ موجود هر دل محبتِ رسول صلي الله عليه و آله وسلم جي رنگ ۾ رڱجي وئي. گورنمينٽ ماڊرن هاءِ اسڪول سکر جي سينيئر پرنسپال اشفاق احمد قريشي صاحب ۽ سندس ٽيم پاران تقريب لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا، جن سان پروگرام جي خوبصورتي ۽ وقار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. واضح رھي ته عظيم اسڪالر حافظ شهاب الدين انڍڙ صاحب ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري سکر ريجن سکر جي نيڪ روشن هدايتن ۽ تعليمي ويزن جي روشنيءَ ۾ سکر ريجن جي ٽنهي ضلعن ۾ جشنِ عيد ميلادالنبي صلي الله عليه و آله وسلم جون تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن. ضلعي سطح تي نمايان پوزيشنون حاصل ڪندڙ ٻار ريجنل سطح جي تقريب ۾ شرڪت ڪري پنهنجي آقا، رحمتِ عالم حضرت محمد مصطفىٰ صلي الله عليه و آله وسلم جي حضور عقيدت ۽ محبت جا گل نڇاور ڪندا. تقريب کي غلام مرتضيٰ شاھ ، جاويد حميد قريشي , شفقت ڪلوڙ ۽ ٻين آفيسرن خطاب ڪندي ٻارن جي شاندار ڪارڪردگي، استادن جي محنت ۽ تعليمي آفيسرن جي ڪاوشن کي ساراهيو . ان موقعي تي مهمانِ خاص حافظ شهاب الدين انڍڙ خطاب ڪندي ٻارن جي ڪارڪردگي، استادن جي محنت ۽ آفيسرن جي ڪاوشن کي ڀرپور ساراهيو. هن چيو ته اهڙا مقدس ۽ روحاني پروگرام تعليمي سرگرمين جو اهم حصو آهن، ڇو ته تعليم جو مقصد صرف ڪتابي علم تائين محدود نه، پر ٻارن جي اخلاق، ڪردار ۽ شخصيت جي تعمير پڻ آهي. اهڙين با برڪت پروگرامن وسيلي ٻارن کي حضور اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي مبارڪ سيرت ۽ سنتن جي سڌ ملي ٿي، جيڪا سندن زندگيءَ لاءِ روشنيءَ جو رستو بڻجي سگهي ٿي. ھن وڌيڪ چيو ته اسان جا اهي ٻار ئي مستقبل جا معمار آهن , جيڪڏهن سندن ذهنن سان گڏ سندن ڪردار به سيرتِ طيبه صلي الله عليه وآله وسلم جي روشنيءَ سان سنواريو وڃي ته هو علم، اخلاق، خدمت ۽ انسانيت جي راھ تي ڪامياب زندگي گذاري سگهن ٿا. ٻارن جي ڪارڪردگيء کي پرکڻ لاء ماھرن تي مشتمل جج صاحب مقرر ڪيا ويا جن نتيجن جو اعلان ڪيو . تقريب جي پڄاڻيءَ تي حافظ شهاب الدين انڍڙ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري سکر ريجن سکر ۽ ٻين آفيسرن پنهنجي مبارڪ هٿن سان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ۽ سندن حوصلا افزائي ڪئي. ان موقعي تي غلام مرتضي شاھ پنھنجي طرفان بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻارن جي ھمت افزائي , حوصله افزائي ۽ عزت افزائي طور ھر ٻار لاء ھڪ ھزار روپيه نقد انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو . ھيءَ تقريب رڳو هڪ مقابلو نه، پر محبتِ رسول صه علم، ادب، اخلاق ۽ تربيت جو اهڙو حسين سنگم هئي، جتي ننڍڙين دلين ۾ سيرتِ طيبه صه جا شمع روشن ٿيا ۽ مستقبل جي نسل کي سنتِ رسول صلي الله عليه و آله وسلم جي روشن واٽ تي هلڻ جو پيغام مليو. ھن مقدس پروگرام جي ميڊيا ڪوريج سيد نديم حسين شاھ بخار جن ڪئي .
