• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    سائنسدانن رات جي وقت سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

    چيني سائنسدانن هڪ نئون طريقو تيار ڪيو آهي، جنهن ذريعي سج جي توانائي کي رات…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    آرٽمس 2 مشن: خلابازن جي ڪامياب واپسي

    آرٽمس 2 مشن جا چارئي خلاباز ڏکڻ ڪيليفورنيا جي ساحل ويجهو پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪاميابي…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: عالمي ماحولياتي ڏينهن: سيپا پاران ڄامشورو ۽ مٽياري ۾ وڻڪاري مهم، آگاهي سيمينار ۽ واڪ منعقد
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

عالمي ماحولياتي ڏينهن: سيپا پاران ڄامشورو ۽ مٽياري ۾ وڻڪاري مهم، آگاهي سيمينار ۽ واڪ منعقد

admin
Last updated: June 8, 2026 8:15 am
admin
Share
SHARE

حيدرآباد 7 جون عالمي ماحولياتي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) ضلعي آفيس ڄامشورو پاران ماحوليات جي تحفظ ۽ وڻڪاري جي واڌاري لاءِ مختلف تقريبن ۽ وڻڪاري مهم جو اھتمام ڪيو ويو، ڄامشورو، سائيٽ ڪوٽڙي ۽ يو ايس پاڪستان سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز اِن واٽر (USPCAS-W) مهراڻ يونيورسٽي سميت مختلف هنڌن تي نم ۽ ٻين قسمن جا ٻوٽا پوکيا ويا،
عالمي ماحولياتي ڏينهن جي حوالي سان سيپا ڄامشورو پاران آرڪروما جي سهڪار سان مهراڻ يونيورسٽي ۾ هڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي جتي وڻڪاري مھم ۽ ماحولياتي آگاهي سيشنز جو اهتمام ڪيو ويو، تقريب جو مقصد ماحوليات جي تحفظ، پائيدار ترقي ۽ ماحول دوست قدمن بابت شعور اجاگر ڪرڻ هو، ان موقعي تي سيپا ڄامشورو جي ضلعي انچارج ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر قطب الدين درس چيو تہ ادارو ماحوليات جي تحفظ، آلودگي جي خاتمي ۽ سرسبز ماحول جي فروغ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو، هن چيو تہ وڻ فضائي آلودگي جي خاتمي، موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي ۽ انساني صحت جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، هن وڻڪاري کي هر فرد جي سماجي ذميواري قرار ڏنو، آرڪروما جي نمائندن ٻڌايو ته ڪمپني پنهنجي صنعتي سرگرمين ۾ ماحول دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي ۽ ماحول تي ناڪاري اثر گهٽائڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي، آرڪروما جي نمائندي ساجد جوڻيجو چيو تہ ماحوليات جو تحفظ گڏيل ذميواري آهي ۽ آرڪروما ان مقصد لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي، هن وڻڪاري ۽ ماحولياتي ذميوارين کي ڪمپني جي اهم ترجيح قرار ڏنو، وڻڪاري مهم ۾ هيلين فارما پڻ سھڪار ڪيو ۽ ڄامشورو سميت سائيٽ ڪوٽڙي ۾ ٻوٽا پوکيا، اداري جي نمائندن ماحول دوست سرگرمين ۽ سماجي ذميوارين لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو، مھم ۾ سرڪاري آفيسرز، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي ۽ ٻوٽن جي سار سنڀال جو عزم ورجايو، آگاهي سيشنز دوران شرڪت ڪندڙن کي وڻن جي اهميت، ماحولياتي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلين بابت معلومات فراهم ڪئي وئي، ٻئي طرف مٽياري ۾ چائنا هيلٿ ليبارٽري جي سھڪار سان آگاهي واڪ جو انعقاد ڪيو ويو، واڪ شاهي بازار کان شروع ٿي مٽياري پريس ڪلب تي اختتام پذير ٿي، آگاهي واڪ ۾ شاگردن، سول سوسائٽي جي نمائندن، سرڪاري آفيسرز ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن ماحول جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو، ان موقعي تي سيپا مٽياري جي ضلعي انچارج قطب الدين درس خطاب ڪندي چيو تہ ماحولياتي تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، هن شهرين تي زور ڏنو تہ آلودگي جي خاتمي، قدرتي وسيلن جي تحفظ ۽ ماحول دوست طرزِ زندگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سيپا جي ڪيمسٽ ڊاڪٽر محمد علي پنهنجي خطاب ۾ پاڻي ۽ هوا جي آلودگي، ڪچري جي غير مناسب نيڪال ۽ نقصانڪار ڪيميائي مادّن جي استعمال جي نقصانن تي روشني وڌي، سيپا ضلعي آفيس مٽياري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو تہ ماحول دوست سرگرمين ۽ عوامي آگاهي مهم ذريعي ماحولياتي تحفظ جي عالمي پيغام کي مقامي سطح تي هٿي ڏني ويندي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article صير آباد نيو سکر جي رهواسين پاران شهري مسئلن جي فوري حل جو مطالبو۔
Next Article ڀرياسٽي ۾ نينگري جي مبينا اغوا خلاف لاکا برادري جو احتجاج، پوليس اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪئي
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

پشاور پوليس جو بينڪ ڦرن ۾ ملوث خطرناڪ گروهه گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

پشاور: پشاور پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته هن بينڪ ڦرن ۾ ملوث هڪ خطرناڪ ۽ منظم گروهه جا اهم جوابدار…

By admin
3 Min Read

الخدمت فائونڊيشن پاران فيوميگيشن مهم، سکر ۽ ڪراچي ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي روڪٿام لاءِ اسپري جاري

الخدمت فائونڊيشن پاران ڊينگي، مليريا ۽ ٻين موسمي بيمارين جي…

June 8, 2026

الخدمت فائونڊيشن پاران فيوميگيشن مهم، سکر ۽ ڪراچي ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي روڪٿام لاءِ اسپري جاري

الخدمت فائونڊيشن پاران ڊينگي، مليريا ۽…

June 8, 2026

ڀرياسٽي ۾ نينگري جي مبينا اغوا خلاف لاکا برادري جو احتجاج، پوليس اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪئي

رياسٽي لاکاروڊ جي ڳوٺ بگو دڙو…

June 8, 2026

عالمي ماحولياتي ڏينهن: سيپا پاران ڄامشورو ۽ مٽياري ۾ وڻڪاري مهم، آگاهي سيمينار ۽ واڪ منعقد

حيدرآباد 7 جون عالمي ماحولياتي ڏينهن…

June 8, 2026

صير آباد نيو سکر جي رهواسين پاران شهري مسئلن جي فوري حل جو مطالبو۔

سکر ( بيورو رپورٽ ) يوسي…

June 8, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو سان گڏ سکر بئراج جو دورو ڪيو،

جتي هن بئراج تي هلندڙ دروازن جي تبديلي واري ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن پاران…

3 Min Read
پاڪستان

ڊونلڊ ٽرمپ غزه لاءِ بورڊ آف پيس ۾ پاڪستان جي وزيراعظم کي شرڪت جي دعوت ڏني: پرڏيهي کاتي جو ترجمان

پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسين اندرابي مطابق، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه لاءِ بورڊ آف پيس ۾ پاڪستان جي…

2 Min Read
پاڪستان

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ننڍين صنعتن کي هٿي ڏيڻ جو وڏو پلان جوڙي ڇڏيو

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف ننڍين صنعتن کي هٿي ڏيڻ جو وڏو پلان جوڙي ڇڏيو آهي جنهن ۾ مختلف…

2 Min Read
پاڪستان

باجوڙ: گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ملبي هيٺيان دٻجي 4 عورتون فوت

پشاور: (اربع: 01 اپريل 2026ع) ماندل جي علائقي ڊاگ لم شاهه ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ملبي هيٺيان دٻجي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?