واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ايران خلاف سخت موقف اختيار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته آمريڪا پنهنجي فوجي ڪارروائي مڪمل ڪندو.
صدر ٽرمپ موجب، آمريڪي جنگي جهازن جنگبندي معاهدي جي مبينا خلاف ورزي جي جواب ۾ ايران جي ميزائل ۽ ڊرونن جي ذخيرن، سامونڊي ڪناري تي موجود ريڊار تنصيبات ۽ ٻين فوجي هدفن کي نشانو بڻايو آهي.
صدر ٽرمپ سماجي رابطن واري پنهنجي پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪي جهازن ايران جي ميزائل ۽ ڊرون ذخيرگاهن سان گڏ ساحلي ريڊار سائيٽن تي حملا ڪيا آهن.
هن پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته، “اهڙو وقت به اچي سگهي ٿو جڏهن اسان لاءِ وڌيڪ صبر ڪرڻ ممڪن نه رهي، ۽ اسان کي اها فوجي ڪارروائي مڪمل ڪرڻي پوي جيڪا اسان ڪاميابي سان شروع ڪئي هئي.”
ٽرمپ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته ايران کي انتهائي سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو.
نوٽ: مٿيون بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان تي ٻڌل آهي. ان ۾ ڪيل دعوائن بابت آزاد ذريعن کان مڪمل تصديق سامهون ناهي آئي.
