مٽياري : مٽياري شهر جي گجراتي پاڙي جي رهواسڻ هڪ بيوهه عورت پنهنجي معصوم نياڻي سان گڏ سٽي پريس ڪلب مٽياري پهچي ميڊيا آڏو دانهيندي الزام هنيو آهي ته سندس پٽ مبينا طور چاچن سان گڏجي کيس ۽ سندس معصوم ڌيءَ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
متاثره عورت انيتا زال پريم گجراتي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس مڙس ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ هو پنهنجي مڙس ڇڏيل گهر ۾ رهندي هئي. سندس چوڻ هو ته سندس ڏير راجو، راهول ۽ رميش مبينا طور سندس پٽ ساحل کي ورغلائي پاڻ سان ملائي ورتو ۽ پوءِ کيس گهر مان زبردستي ڪڍي سندس رهائشي ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو.
انيتا گجراتي دعويٰ ڪئي ته عدالت به سندس حق ۾ فيصلو ڏئي چڪي آهي، پر ان باوجود سندس ڏيرن مبينا طور کيس تشدد جو نشانو بڻايو ۽ گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي.
هن وڌيڪ چيو ته سندس پٽ کي به ورغلائي سندس خلاف ڪيو ويو آهي، جيڪو سندس لاءِ وڏي اذيت جو سبب بڻيو آهي. روئيندي هن چيو ته کيس پنهنجي جان جي پرواهه ناهي، پر پنهنجي معصوم ڌيءَ جي مستقبل جي تمام گهڻي فڪر آهي، جيڪا هن وقت ساڻس گڏ دربدري واري زندگي گذاري رهي آهي.
متاثره عورت چيو ته جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته سندس معصوم نياڻي جو ڪو به سهارو نه رهندو، تنهن ڪري کيس ۽ سندس ڌيءَ کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
انيتا گجراتي فيلڊ مارشل عاصم منير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته سندس شڪايت جو نوٽيس وٺي کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي، عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائي سندس گهر واپس ڏياريو وڃي ۽ مبينا طور ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
نوٽ: خبر ۾ شامل الزام متاثره عورت جي بيان تي ٻڌل آهن. الزام هيٺ آيل ڌر جو موقف هن وقت تائين سامهون نه آيو آهي.
