اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن لاءِ باقاعده سياسي اتحاد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ ٿيل گڏيل پريس ڪانفرنس دوران پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳواڻن اتحاد جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري ياسين چيو ته آزاد ڪشمير ۾ جي يو آءِ سان باقاعده سياسي اتحاد جو اعلان ڪيو پيو وڃي، جنهن سان ٻنهي جماعتن کي چونڊن ۾ فائدو حاصل ٿيندو.
هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه ڪشمير جي مسئلي کي هر قومي ۽ عالمي فورم تي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو آهي.
چوڌري ياسين اعلان ڪيو ته حلقو ايل اي-14 ۽ ايل اي-23 ۾ جي يو آءِ جا اميدوار ٻنهي پارٽين جا گڏيل اميدوار هوندا.
جي يو آءِ آزاد ڪشمير جي امير مولانا سعيد يوسف چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سندن جماعت ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ چونڊ اتحاد قائم ٿيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ٻن تڪن ۾ جي يو آءِ جي اميدوارن جي حمايت ڪندي، جڏهن ته باقي سمورن تڪن ۾ جي يو آءِ، پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪندي.
واضح رهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون 27 جولاءِ تي منعقد ٿينديون.
