اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف خيبرپختونخوا جي سڌ سماءُ واري سيڪريٽري ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته سندس پارٽي هميشه دهشتگرديءَ جي مذمت ڪئي آهي ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي.
خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي چيو ته حڪومت دهشتگردي ختم ڪرڻ جي نالي تي آئي، پر ان پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.
هن سوال اٿاريو ته حڪومت پي ٽي آءِ کي ختم ڪرڻ آئي آهي يا دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪرڻ؟
هن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي ۽ ماڻهن جي گهرن جي چادر ۽ چوديواريءَ جي تقدس کي پائمال ڪيو پيو وڃي.
شوڪت يوسفزئي چيو ته ان کان اڳ به ڳالهين جا دور ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سندس پارٽي هميشه دهشتگرديءَ جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان خلاف جنگ ۾ فوج سان گڏ آهي.
هن چيو ته الزام لڳايو ويندو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ پوليس کي فنڊ نه ٿا ڏنا وڃن، پر صوبائي حڪومت بجيٽ جو ٻه سيڪڙو پوليس تي خرچ ڪيو آهي.
اڳوڻي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پرامن احتجاج ڪرڻ ۽ مطالبا پيش ڪرڻ پي ٽي آءِ جو حق هو، پر سندن مطالبا اڃا تائين پورا نه ٿيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ ڪنهن به صورت ۾ دهشتگرديءَ جي حمايت نٿي ڪري. ايمرجنسي لاڳو ڪري سڄي پارٽيءَ تي دهشتگردن جي حمايت جو الزام هڻڻ انتهائي غلط آهي.
دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ پي ٽي آءِ فوج سان گڏ آهي: شوڪت يوسفزئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
