اڏيرولعل (رپورٽ): اڏيرولعل اسٽيشن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي ماڻهن، خاص طور افغان شهرين، جي سڃاڻپ ۽ سڪيورٽي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس طرفان سرچ آپريشن تيز ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي مٽياري عبدالعليم بلو جي خصوصي هدايتن تي پوليس جي مختلف ٽيمن علائقي ۾ گڏيل سرچ آپريشن ڪيو، جنهن جو مقصد امن امان کي برقرار رکڻ، اڻ وڻندڙ واقعن جي روڪٿام ۽ شڪي ماڻهن بابت معلومات گڏ ڪرڻ هو.
آپريشن دوران پوليس اهلڪارن اڏيرولعل اسٽيشن سميت مختلف چوڪن، چانهه جي هوٽلن، مسافر خانن ۽ ٻين شڪي هنڌن تي تفصيلي چڪاس ڪئي. ان موقعي تي موجود ماڻهن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ، سفري دستاويز ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاغذن جي جانچ پڻ ڪئي وئي.
پوليس ذريعن موجب سرچ آپريشن جو بنيادي مقصد علائقي ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين، خاص طور غير قانوني افغانين، بابت ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ امن دشمن عنصرن جي سرگرمين تي نظر رکڻ آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ سندن پهرين ترجيح آهي، تنهن ڪري غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ڪنهن به شخص سان قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
انتظاميا شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته جيڪڏهن کين ڪنهن به شڪي شخص يا غيرقانوني سرگرمي بابت ڄاڻ هجي ته فوري طور ويجهي پوليس اسٽيشن يا لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏين، جيئن بروقت ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن ۽ امان کي برقرار رکي سگهجي.
