ڪاراڪاس: وينزويلا ۾ گذريل هفتي آيل تباهه ڪندڙ زلزلن جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 2,295 ٿي ويو آهي.
وينزويلا جي قومي اسيمبلي جي صدر خورخي روڊريگيز موجب زلزلن ۾ زخمي ۽ لاپتا ماڻهن جو انگ پڻ هزارين ۾ آهي، جڏهن ته گڏيل قومن (اقوام متحده) جو چوڻ آهي ته متاثر ماڻهن جو مجموعي انگ 68 لک تائين پهچي سگهي ٿو.
گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري يو اين ايڇ سي آر (UNHCR) موجب راڄڌاني ڪاراڪاس جي اتر ۾ واقع شهر لا گوائرا، جيڪو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، اتي خوراڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.
اداري موجب علائقي ۾ بنيادي سهولتون تباهه ٿي چڪيون آهن ۽ مواصلاتي نظام به تقريباً مڪمل طور متاثر ٿي ويو آهي.
ٻئي طرف وينزويلا جي گاديءَ واري شهر ڪاراڪاس ۾ سج لهڻ وقت آسمان ڳاڙهي رنگ ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن جي خوفناڪ منظر ڪيترن ئي ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو.
