اسلام آباد: ورلڊ بئنڪ پاڪستان کان قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ تحت وسيلن جي ورڇ واري فارمولي تي نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
تفصيلن موجب ورلڊ بئنڪ پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته صوبن ۾ وسيلن جي ورڇ صرف آبادي جي بنياد تي نه، پر خرچن جي ضرورتن ۽ ممڪن آمدني پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي نظر ۾ رکي ڪئي وڃي.
ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاقي آمدني مان 57.5 سيڪڙو وسيلا صوبن کي منتقل ڪيا وڃن ٿا، پر انهن مان لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو خرچ پگهارن، پينشنن ۽ ٻين انتظامي معاملن تي ٿي رهيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايتري وڏي وسيلن جي ورڇ باوجود نه غربت ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ نه ئي عوام کي بهتر بنيادي سهولتون فراهم ٿي سگهيون آهن.
ورلڊ بئنڪ موجب 18هين آئيني ترميم کانپوءِ به وفاق سماجي خدمتن ۽ معاشي شعبن ۾ سرگرم آهي، جنهن سبب وسيلن جو ضايع ٿيڻ ۽ احتساب جو نظام متاثر ٿي رهيو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بلدياتي حڪومتن کي نه ته واضح اختيار ڏنا ويا آهن ۽ نه ئي کين مناسب مالي وسيلا فراهم ڪيا ويا آهن، جنهن سبب مقامي سطح تي عوامي خدمتن جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي.
