پاڪستان سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن حيدرآباد سنڌ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي سرگرم ميمبر “ڊاڪٽر رفيق قريشي” جي مان ۾ تاريخ 15 آگسٽ 26 تي عمري جو شرف حاصل ڪري اچڻ تي عاليشان “عمره مبارڪ” جي تقريب ايسوسيئيشن جي مرڪزي دفتر ۾ ٿي گذري..
تقريب جو آغاز ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو جيڪا محمد خالد بلوچ تلاوت فرمائي. ان بعد
انجنيئر خالد ميمڻ پنھنجي محبوبي انداز سان نعت رسول ڪريم صلعم پڙھي. فقير ارشاد حسين شاھ لطيف جي سرن سان رونق بخشي.
ان بعد جنرل سيڪريٽري نزاڪت علي فاضلاڻي ڀليڪار ڪندي آجياڻو پيش ڪيو.کانئس بعد ادي نيلوف ڀٽو ۽ سلام قادري جن ڏني مبارڪ جي تقريب ڳالھايو.
ھن شاندار ۽ يادگار پروگرام ۾ شريڪ مھمانن پاران ڊاڪٽر صاحب کي محبتن سان سوکڙيون جن ۾، لونگيون،اجرڪون، سنڌي ٽوپيون، پرفيوم، تحفا، گلدستا ۽ گلن جا ھار ۽ ڪيڪ پيش ڪيا ويا..جن ۾ صدر دريا خان بلوچ، ھادي بخش جتوئي، محمد اقبال ميمڻ، نزاڪت علي، منظور حسين، دودا خان، نذير احمد شيخ، بشير خان جتوئي, خالد ميمڻ، نظير احمد کيبرائي، آفتاب صديقي، زوار نذير حسين، قاضي نثار احمد، ميڊم نيلوفر ڀٽو، سلما قادري، ڪذبانو درس، رشيده قريشي، شاھدہ پروين ابڙو، رضيه شھوڪ, نظيران مجدد، الله وسايو خان, گل حسن جتوئي، يحيحا خان، ڪفيل احمد قائم خاني، عبدالستار ميمڻ، محمد انور سومرو (ڪيناڊا)، ذوالفقار قادري، ڊاڪٽر نثار ميمڻ، وزير احمد، رياض ميمڻ، عاشق ھالائي، ارجن ڪمار، ڊاڪٽر مجدد، ايڊوڪيٽ نياز گھانگھرو، محمد مٺل عباسي، غلام سرور ساھڙ، ڊاڪٽر ھوتچند، ذوالفقار ميمڻ فرزند ڪوڙو خان، رسول بخش لغاري ، انجنيئر غلام محمد لغاري، ۽ ٻيا شريڪ ميمبر شامل آھن جن پنھنجين محبتن جي اظھار ۾ شرڪت ڪري تحفا پيش ڪندي تقريب جي رونقن ۾ اضافو فرمايو.
ھن پروگرام ۾ محمد اسلم بلوچ ۽ تازو ٿيل نوان ميمبرن سميت محمد ھاشم بلوچ جن جي خصوصي شرڪت رھي. محبوبن جي سدا بھار شاعر عاشق ھالائي نڪور شاعري پيش ڪئي.
ھن تقريب ۾ نذير کيبرائي طرفان “عيسا ليبارٽري” سان سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن جو طبي ٽيسٽن ۾ 50٪ رعايت بابت خوشخبري وارو اعلان ڪيو ويو
تقريرن ۾ محمد اقبال ميمڻ ۽ صدر دريا خان بلوچ جن تقريرون ڪندي ڊاڪٽر صاحب کي مبارڪون پيش ڪندي شرڪت ڪندڙ سمورن ميمبرن جا ٿورا ادا ڪيا. آخر ۾ ڊاڪٽر رفيق صاحب ڀائرن ڀينرن جي ڀرپور شرڪت تي سندن دلي شڪريو ادا ڪندي دعاء خير طلب فرمائي.
تقريب جي مھمانن لاء ڊاڪٽر قريشي طرفان مانجھاندي جو بھترين انتظام ڪيو ويو ھو. ھن تقريب لاء اسٽيج سيڪريٽري منظور حسين ڪالرو جن پنھنجي مزاج سان فرض نڀايو. ايسوسيئيشن جي تقريبن م ھي يادگار تقريب سمجھي ويندي.
سينيئر سٽيزن ايسوسيئيشن طرفان ميمبر ڊاڪٽر رفيق قريشي کي عمرہ مبارڪ جي تقريب ٿي.
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
