: صالح پٽ ڀرسان سنڌو اڪيڊمي پاران يومِ آزادي جي حوالي سان پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اڪيڊمي جي شاگردن ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب دوران پاڪستان جي آزادي جي اهميت ۽ ملڪ جي ترقي ۾ نوجوان نسل جي ڪردار تي روشني وڌي وئي. ان موقعي تي پرنسپال استاد عرفان حيدر شنباڻي، وائيس پرنسپال استاد خان قاصد علي شنباڻي، استاد محمد معراج ۽ استاد امجد رضا خطاب ڪندي شاگردن کي وطن سان محبت، اتحاد ۽ تعليم جي اهميت بابت آگاهي ڏني.
مقررن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جو مستقبل آهي، تنهن ڪري شاگرد محنت ۽ معياري تعليم ذريعي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
تقريب جي آخر ۾ پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا گهري وئي.
