: پريالوءِ ڀرسان ڳاڙهي موري وٽ ابل واهه ۾ گذريل ڏينهن وهنجندي تيز وهڪري ۾ ٻڏي ويل 11 ورهين جي معصوم نينگر عبدالرقيب اتيرو جو لاش 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هٿ نه اچي سگهيو، جنهن سبب سندس وارثن ۾ سخت پريشاني پکڙجي وئي آهي. سکر کان پنهنجي ناناڻن وٽ گهمڻ لاءِ آيل 11 ورهين جو معصوم نينگر عبدالرقيب اتيرو ڳاڙهي موري پل وٽ ابل واهه ۾ وهنجڻ دوران پاڻي جي تيز وهڪري جي لپيٽ ۾ اچي لڙهي ويو. واقعي کانپوءِ وارثن، مقامي ماڻهن ۽ علائقي واسين پاران واهه جي مختلف هنڌن تي نينگر جي لاش جي ڳولا لاءِ ڪوششون جاري آهن، پر 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود سندس لاش هٿ نه اچي سگهيو آهي.نينگر جي گم ٿيڻ سبب سندس گهرڀاتين ۽ وارثن ۾ روڄ راڙو ۽ سخت پريشاني واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. وارثن عبدالحفيظ اتيرو، محمد انور اتيرو ۽ قمرالدين اتيرو خيرپور ضلعي انتظاميا، آبپاشي کاتي جي اختيارين، ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني، سيد نفيسه شاهه جيلاني ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ريسڪيو ٽيمون ۽ ماهر ٽوٻا موڪليا وڃن ۽ معصوم نينگر جي لاش جي ڳولا لاءِ هنگامي بنيادن تي آپريشن شروع ڪيو وڃي.وارثن جو چوڻ آهي ته هر گذرندڙ لمحو سندن پريشاني ۾ اضافو ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري لاش جي ڳولا لاءِ جديد سامان ۽ ماهر ٽوٻائن جون خدمتون حاصل ڪري فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.
