• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام واقعي خلاف اصغريه پاڪستان جو احتجاج، شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام واقعي خلاف اصغريه پاڪستان جو احتجاج، شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

admin
Last updated: August 20, 2026 8:27 am
admin
Share
SHARE

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي لائبريري تي ٿيل مبينا حملي، ڀڃ ڊاهه، قرآنِ مجيد جي بي حرمتي ،شهيد علي خامنه اي ۽ عالمن جون تصويرون ڦاڙڻ واري واقعي خلاف اصغريه پاڪستان جي اڳواڻن ڊاڪٽر مير خان حيدري، مولانا تراب علي، مولانا گلزار علي، ڊاڪٽر عبدالحسين شنباڻي، منصور علي حيدري ۽ ٻين احتجاج ڪندي واقعي جي سخت مذمت ڪئي.

اڳواڻن چيو ته قوم پرستي يا ڪنهن به نظريي جي نالي تي تعليمي ادارن ۾ تشدد، ڀڃ ڊاهه، مذهبي مقدسات جي توهين ۽ خوف جي فضا پيدا ڪرڻ ناقابلِ قبول آهي. يونيورسٽي ڪنهن به سياسي، قوم پرست يا گروهي تنظيم جي جاگير نه، پر هر شاگرد جو تعليمي حق آهي.

اصغريه پاڪستان جي اڳواڻن موجب لائبريري تي ٿيل واقعو صرف ڀڃ ڊاهه نه، پر تعليم، شعور، مذهبي احترام ۽ شاگردن جي بنيادي حقن تي حملو آهي. هنن الزام لڳايو ته واقعي جو مقصد يومِ حسينؑ سميت پرامن مذهبي ۽ فڪري سرگرمين کي روڪڻ ۽ شاگردن کي خوفزده ڪرڻ هو.

اڳواڻن چيو ته حضرت امام حسينؑ جو پيغام ظلم خلاف مزاحمت، حق گوئي ۽ باطل جي سامهون استقامت جو پيغام آهي، جنهن کي ڪنهن به ڌمڪي يا دٻاءَ ذريعي روڪي نٿو سگهجي.

هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف ۽ فوري تحقيقات ڪئي وڃي، سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ٻيا ثبوت محفوظ ڪيا وڃن، ذميوار عنصرن جي سڃاڻپ ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به سياسي يا گروهي دٻاءَ کانسواءِ انصاف کي يقيني بڻايو وڃي.

اڳواڻن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته يومِ حسينؑ سميت سمورين پرامن مذهبي ۽ تعليمي سرگرمين لاءِ مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ يونيورسٽي ۾ ڪنهن به گروهه جي ڌونس يا اجاره داري جو خاتمو آندو وڃي.

اصغريه پاڪستان جي اڳواڻن چيو ته تعليم، شعور، مذهبي احترام، شاگردن جي حقن ۽ پرامن تعليمي ماحول جي تحفظ لاءِ سندن جدوجهد جاري رهندي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پريالوءِ ڀرسان ابل واهه ۾ ٻڏل 11 ورهين جي نينگر جو لاش 24 ڪلاڪن بعد به هٿ نه آيو
Next Article سکر پوليس جو ڪريڪ ڊائون جاري، 2 جوابدار گرفتار، شراب، ڀنگ ۽ 2 چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ڊپٽي ڪمشنر بدين جو اڪرم واهه، وھڻائي شريف ويجهو زيرِ تعمير پل جو دورو، تعميراتي ڪم معياري بڻائڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد اڪرم واهه، وھڻائي شريف…

October 22, 2026

ڊپٽي ڪمشنر بدين جو اڪرم واهه، وھڻائي شريف ويجهو زيرِ تعمير پل جو دورو، تعميراتي ڪم معياري بڻائڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد…

October 22, 2026

حيدرآباد: جونيجو ڪالوني ۾ گهر تي ٻيهر حملي جو الزام، عورت ۽ معصوم نينگري سميت ڪٽنب تي تشدد جي دعويٰ، متاثر خاندان جو انصاف ۽ تحفظ لاءِ اعليٰ پوليس اختيارين کي اپيل

حيدرآباد (خصوصي رپورٽ): حيدرآباد جي جونيجو…

October 22, 2026

تاريخي امروٽي مسجد خلاف نوٽيس نامنظور، نوٽيس واپس ورتو وڃي – مطالبو

سکر (عبدالجبارنوناري) تاريخي امروٽي مسجد کي…

October 22, 2026

حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 7 ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي ظالم مڙس پنهنجي ئي بيگناھ زال تي سخت تشدد زخمي ڪري ڇڏيوآهي

حيدرآباد محبوب حسين. بوزدار. بيوروسندھ حيدرآباد…

October 22, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات، ملڪ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون

اسلام آباد: (سومر: 30 مارچ 2026ع) صدرِ مملکت آصف علي زرداری سان وزيرِاعظم محمد شہباز شريف اهم ملاقات ڪئي، جنهن…

1 Min Read
تازھ ترينعلاقائي

سانگهڙ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو،

جنهن ۾ ضلعي اندر ڪرسمس جي ڏهاڙي کي پرامن ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ پوليس، ضلعي انتظاميه، ريسڪيو ادارن ۽ ٻين…

1 Min Read
پاڪستان

بلوچستان جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ شاگردن کي جسماني سزا ڏيڻ تي مڪمل پابندي

ڪوئيٽا: بلوچستان حڪومت سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي جسماني سزا ڏيڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي…

3 Min Read
پاڪستان

جسم پاران وحدتِ سنڌ مارچ جو اعلان، گرفتاريون ٿيون ته انڊس ۽ نيشنل هاءِ وي بند ڪنداسين: رياض علي چانڊيو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ محاذ (جسم) جي چيئرمين رياض علي چانڊيو 15 آڪٽوبر تي لاڙڪاڻي ۾ ”وحدتِ سنڌ مارچ“…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?