ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هوشيار ۽ ضرورتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن (پي اي ايف) ۽ پاڪستان بيت المال پاران مجموعي طور 40 لک 24 هزار 30 رپين کان وڌيڪ جا اسڪالرشپ چيڪ ورهايا ويا.
ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس جي ميزباني هيٺ سينيٽ هال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي.
تقريب دوران وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال پي اي ايف اسڪالرشپ تحت 50 ضرورتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 38 لک 75 هزار رپين جا چيڪ ورهايا، جڏهن ته پاڪستان بيت المال جي اسڪالرشپ تحت 7 شاگردن ۾ هڪ لک 49 هزار 30 رپين جا چيڪ ڏنا ويا.
تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي مستحق ۽ هوشيار شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا موقعا وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، جيئن مالي مسئلا سندن تعليمي سفر ۾ رڪاوٽ نه بڻجن. هن چيو ته يونيورسٽي پنهنجي اينڊومينٽ فنڊ مان پڻ جلد اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن سان وڌيڪ ضرورتمند شاگردن کي فائدو حاصل ٿيندو.
رجسٽرار غلام محي الدين قريشي چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن سان لاڳاپيل سهولتن، اسڪالرشپس، داخلا ۽ ٻين معاملن کي تيزيءَ سان ڊجيٽل ۽ آن لائن ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شاگردن لاءِ جاب فيئر ڪلچر کي پڻ هٿي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي پنهنجي شاگردن جي تعليمي ۽ پيشوراڻي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي.
ان موقعي تي يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام حسين وڳڻ ٻڌايو ته هن وقت تائين اڍائي هزار کان وڌيڪ شاگردن ۾ لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ رپين جون اسڪالرشپس ورهايون ويون آهن. هن چيو ته يونيورسٽي صنعتن، ايلومنائي، مخير حضرات ۽ مختلف ادارن کي پنهنجي پليٽ فارم جو حصو بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، ته جيئن شاگردن لاءِ اسڪالرشپس، تعليمي ۽ مالي سهائتا سان گڏ انٽرن شپ ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪري سگهجن.
تقريب ۾ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو سميت يونيورسٽي جا ٻيا عملدار، استاد ۽ شاگرد پڻ موجود هئا.
