• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: پي اي ايف ۽ پاڪستان بيت المال پاران 57 شاگردن ۾ 40 لک رپين کان وڌيڪ اسڪالرشپس ورهايون ويون
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

پي اي ايف ۽ پاڪستان بيت المال پاران 57 شاگردن ۾ 40 لک رپين کان وڌيڪ اسڪالرشپس ورهايون ويون

admin
Last updated: August 21, 2026 9:43 am
admin
Share
SHARE

ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هوشيار ۽ ضرورتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ پروفيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن (پي اي ايف) ۽ پاڪستان بيت المال پاران مجموعي طور 40 لک 24 هزار 30 رپين کان وڌيڪ جا اسڪالرشپ چيڪ ورهايا ويا.

ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس جي ميزباني هيٺ سينيٽ هال ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال ڪئي.

تقريب دوران وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال پي اي ايف اسڪالرشپ تحت 50 ضرورتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 38 لک 75 هزار رپين جا چيڪ ورهايا، جڏهن ته پاڪستان بيت المال جي اسڪالرشپ تحت 7 شاگردن ۾ هڪ لک 49 هزار 30 رپين جا چيڪ ڏنا ويا.

تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي مستحق ۽ هوشيار شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا موقعا وڌائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، جيئن مالي مسئلا سندن تعليمي سفر ۾ رڪاوٽ نه بڻجن. هن چيو ته يونيورسٽي پنهنجي اينڊومينٽ فنڊ مان پڻ جلد اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن سان وڌيڪ ضرورتمند شاگردن کي فائدو حاصل ٿيندو.

رجسٽرار غلام محي الدين قريشي چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن سان لاڳاپيل سهولتن، اسڪالرشپس، داخلا ۽ ٻين معاملن کي تيزيءَ سان ڊجيٽل ۽ آن لائن ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته شاگردن لاءِ جاب فيئر ڪلچر کي پڻ هٿي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي پنهنجي شاگردن جي تعليمي ۽ پيشوراڻي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي.

ان موقعي تي يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ اينڊ فنانشل اسسٽنس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام حسين وڳڻ ٻڌايو ته هن وقت تائين اڍائي هزار کان وڌيڪ شاگردن ۾ لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ رپين جون اسڪالرشپس ورهايون ويون آهن. هن چيو ته يونيورسٽي صنعتن، ايلومنائي، مخير حضرات ۽ مختلف ادارن کي پنهنجي پليٽ فارم جو حصو بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي، ته جيئن شاگردن لاءِ اسڪالرشپس، تعليمي ۽ مالي سهائتا سان گڏ انٽرن شپ ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪري سگهجن.

تقريب ۾ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر اعجاز حسين سومرو سميت يونيورسٽي جا ٻيا عملدار، استاد ۽ شاگرد پڻ موجود هئا.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سکر پوليس جو ڪريڪ ڊائون جاري، 2 جوابدار گرفتار، شراب، ڀنگ ۽ 2 چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ
Next Article آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪيمپس دادو ۾ عورتن کي ملازمت دوران هراسان ڪرڻ خلاف قانون بابت هڪ اهم آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو،
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ڊپٽي ڪمشنر بدين جو اڪرم واهه، وھڻائي شريف ويجهو زيرِ تعمير پل جو دورو، تعميراتي ڪم معياري بڻائڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد اڪرم واهه، وھڻائي شريف…

October 22, 2026

ڊپٽي ڪمشنر بدين جو اڪرم واهه، وھڻائي شريف ويجهو زيرِ تعمير پل جو دورو، تعميراتي ڪم معياري بڻائڻ ۽ جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

بدين ڊپٽي ڪمشنر بدين زارا زاهد…

October 22, 2026

حيدرآباد: جونيجو ڪالوني ۾ گهر تي ٻيهر حملي جو الزام، عورت ۽ معصوم نينگري سميت ڪٽنب تي تشدد جي دعويٰ، متاثر خاندان جو انصاف ۽ تحفظ لاءِ اعليٰ پوليس اختيارين کي اپيل

حيدرآباد (خصوصي رپورٽ): حيدرآباد جي جونيجو…

October 22, 2026

تاريخي امروٽي مسجد خلاف نوٽيس نامنظور، نوٽيس واپس ورتو وڃي – مطالبو

سکر (عبدالجبارنوناري) تاريخي امروٽي مسجد کي…

October 22, 2026

حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 7 ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي ظالم مڙس پنهنجي ئي بيگناھ زال تي سخت تشدد زخمي ڪري ڇڏيوآهي

حيدرآباد محبوب حسين. بوزدار. بيوروسندھ حيدرآباد…

October 22, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

نادرا قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي گهر جو پتو تبديل ڪرائڻ جو آسان طريقو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (28 جون 2026): نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي گهر جو پتو تبديل ڪرائڻ جو…

2 Min Read
پاڪستان

وزيراعظم ڳالهين جي دعوت ڏني، پر حڪومت سان ڪا به اڳڀرائي نه ٿي: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ملاقات واري ڏينهن به باني پي ٽي آءِ عمران…

2 Min Read
پاڪستان

سيڪيورٽي فورسز بلوچستان سرحد تي افغان طالبان حڪومت جا 4 ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، افغان طالبان حڪومت پاران بلوچستان جي سرحد وٽ…

2 Min Read
پاڪستان

مير رضا جو موت آپگهات يا قتل؟ عدالتي ڪميشن جي رپورٽ پڌري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عدالتي ڪميشن جي رپورٽ ۾ مير رضا جو موت آپگهات بدران قتل قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?