• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر لاءِ پ ٽ الف تعلقه دادو جو ڀرپور احتجاجي مظاهرو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر لاءِ پ ٽ الف تعلقه دادو جو ڀرپور احتجاجي مظاهرو

admin
Last updated: August 22, 2026 7:44 am
admin
Share
SHARE

پرائمري استادن جي جائز حق سروس اسٽرڪچر جي حاصلات لاءِ پ ٽ الف مرڪز پاران اعلانيل جدوجهد جي ٻئي مرحلي تحت پ ٽ الف تعلقه دادو جي اڳواڻيءَ ۾ سوين استادن طرفان ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پ ٽ الف تعلقه دادو جي صدر عمران ڪورائي ۽ جنرل سيڪريٽري پرديپ ڪمار جي اڳواڻيءَ ۾ ايريگيشن پارڪ دادو کان ڪچهري روڊ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ريلي ۾ مرد ۽ عورت استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پنهنجي جائز مطالبن جي حق ۾ سخت نعريبازي ڪندي ڀرپور آواز بلند ڪيو.

ان موقعي تي پ ٽ الف جي اڳواڻن رانا اسحاق ساقي، امير بخش ڏاوڇ، آصف علي پنهور، غازي خان کرل، شفيق احمد جتوئي، سيد پرويز علي شاهه، لطف علي ڪولاچي، اشرف علي سومرو، رياض حسين کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي صدر شفيع محمد سٺيو پاران اعلانيل جدوجهد جي ٻئي مرحلي تحت اڄ سڄي سنڌ ۾ پرائمري استادن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن، جنهن جي سلسلي ۾ پ ٽ الف تعلقه دادو پاران پڻ سوين استادن سان گڏ ڪچهري روڊ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.

پ ٽ الف تعلقه دادو جي صدر عمران ڪورائي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير پاران پرائمري استادن لاءِ سروس اسٽرڪچر جي قيام بابت ڪميٽي جوڙي وئي هئي. ڪيترن ئي سالن جي جدوجهد، غور ويچار ۽ مشاورت کانپوءِ پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر بابت سمري تيار ڪري منظوري لاءِ اعليٰ اختيارين ڏانهن اماڻي وئي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ناڻي واري کاتي پاران اعتراض لڳائي سمري رد ڪرڻ پرائمري استادن سان وڏي ناانصافي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا هزارين پرائمري استاد ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي جائز حق سروس اسٽرڪچر، ترقي ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. استاد قوم جي مستقبل جا معمار آهن، تنهن ڪري سندن جائز مطالبن کي نظرانداز ڪرڻ بدران فوري طور تي حل ڪيو وڃي.

هنن چيو ته پرائمري استادن کي سندن جائز حق ڏيڻ سان نه رڳو استادن ۾ احساس محرومي ختم ٿيندو، پر تعليمي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر بڻائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. حڪومت کي گهرجي ته استادن جي مسئلن کي سنجيدگيءَ سان حل ڪندي سروس اسٽرڪچر بابت سمري کي ٻيهر منظور ڪري باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري.

پ ٽ الف تعلقه دادو جي اڳواڻن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم زاهد حسين عباسي کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌ جي هزارين پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر سميت سمورن جائز مطالبن کي فوري طور منظور ڪري باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.

احتجاج دوران استادن پاران ”استاد اتحاد زنده باد“، ”پ ٽ الف زنده باد“ ۽ ”سروس اسٽرڪچر اسان جو جائز حق آهي“ جا نعرا پڻ هنيا ويا، جڏهن ته اڳواڻن واضح ڪيو ته مطالبن جي منظوري تائين پرامن ۽ آئيني جدوجهد جاري رکڻ جو عزم برقرار رهندو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article دادو: معذور ماڻهن لاءِ پوسٽل بيلٽ بابت ووٽر آگاهي اجلاس
Next Article ڀريا: استادن جو جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، علامتي بک هڙتال
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

ڀڃ ڊاهه، باهين وارن واقعن جي مذمت ڪريون ٿا، ڪراچي کي يرغمال بنائڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: شرجيل ميمڻ

سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڀڃ ڊاهه، باهين هنگامن ذريعي ڪراچي کي يرغمال بنائڻ جي ڪوشش ڪامياب…

2 Min Read
پاڪستان

وزيراعظم ڳالهين جي دعوت ڏني، پر حڪومت سان ڪا به اڳڀرائي نه ٿي: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ملاقات واري ڏينهن به باني پي ٽي آءِ عمران…

2 Min Read
پاڪستانعلاقائي

ڪراچي: سي ويو ڀرسان پارڪنگ ۾ بيٺل پراڊو گاڏي مان عورت ۽ مرد جا لاش هٿ

ڪراچي جي درخشان ٿاڻي جي حد بلاڪ 28 جي ڀرسان سي ويو اپارٽمينٽ جي پارڪنگ ۾ بيٺل پراڊو گاڏي مان…

1 Min Read
پاڪستان

لاهور ۾ صفائي بلن تي تڪرار: شهرين کي پهرين ئي بل ۾ چار مهينن جا چارج موڪليا ويا

لاهور: لاهور ويسٽ مينيجمينٽ ڪمپني (LWMC) پاران شهرين کي موڪليل صفائي بلن تي تڪرار پيدا ٿي ويو آهي، جتي ڪيترن…

4 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?