صوبائي محتسب سنڌ ريجنل ڊائريڪٽر نوشهروفيروز خان محمد زرداري جي صدارت ۾ ضلعي اڪائونٽس آفيس نوشهروفيروز ۾ هڪ کليل عدالت ٿي، جتي هن سرڪاري ملازمن، پينشنرز ۽ عام شهرين جا مسئلا سڌو سنئون ٻڌا. کليل عدالت ۾ ضلعي اڪائونٽس آفيسر، لاڳاپيل عملي، مختلف سرڪاري کاتن جي نمائندن، پينشنرز ۽ وڏي تعداد ۾ شهري شرڪت ڪئي. کليل عدالت دوران، ريجنل ڊائريڪٽر خان محمد زرداري پينشن، جي پي فنڊ، پگهار جي ترتيب ۽ ٻين مالي معاملن جي منظوري ۾ دير بابت شهرين پاران جمع ڪرايل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ موقعي تي ڪيترن ئي شڪايتن جي ازالي جا حڪم جاري ڪيا. هن اڪائونٽس آفيس جي عملي کي سختي سان هدايت ڪئي ته رٽائرڊ ملازمن ۽ بيوائن جا ڪيس ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به شهري کي غير ضروري طور پنڌ نہ ڪريا وڃن. خان محمد زرداري پنھنجا مسئلا کڻي آيل عرضدارن ٽيزري جي ملازمن کي خطاب ڪندي چيو ته صوبائي محتسب اعليٰ سنڌ جي خاص هدايت آهي ته سڀني سائلن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ بنا ڪنهن دير جي عوام کي انصاف جي آسان رسائي فراهم ڪئي وڃي ۽ آفيسن ۾ شفافيت ۽ بروقت سائلن جي مسئلن جي حل کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي . هن چيو ته سندس ڪوشش ھوندي تہ ھو ۽ سندس ٽيم ماڻهن جي دروازن تي وڃي انهن جا مسئلا معلوم ڪري ته جيئن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري سگهجن. هن چيو ته اسان جو کاتو ماڻهن کي تڪڙو ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. کليل عدالت ۾ موجود درخواستگذارن ۽ پينشنرز صوبائي محتسب جي هن قدم کي ساراهيو ۽ مسئلن جو موقعي تي حل ڳولڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته منهنجي آفيس جا دروازا عوام لاءِ 24 ڪلاڪ کليل آهن. جتي درخواستگذار پنهنجون شڪايتون سادي پني تي لکت ۾ درج ڪرائي سگهن ٿا ته جيئن انهن جو ازالو ڪري سگهي.
نوشهروفيروز: صوبائي محتسب جي کليل عدالت، پينشنرز ۽ شهرين جون شڪايتون حل
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
