سکر ( رپورٽ غلام علي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽ سيپڪو بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر صنعان اسلام شيخ سکر پريس ڪلب جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي پريس ڪلب جي عهديدارن، سينيئر صحافين ۽ مختلف صحافتي تنظيمن جي نمائندن سندس شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي منور چوهاڻ، علي حسن ميراني ۽ ٻيون شخصيتون پڻ ساڻس گڏ موجود هيون. سکر پريس ڪلب پهچڻ تي پريس ڪلب جي صدر خالد ڀانبھن، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي فيڊرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر نصرالله وسير، سکر يونين آف جرنلسٽس (ايس يو جي) جي صدر جاويد جتوئي، پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري سيد احقر علي رضوي، ايس يو جي جي جنرل سيڪريٽري ڪامران شيخ، فنانس سيڪريٽري ڪاشف ڦلپوٽو، سيفما چيپٽر جي صدر عبدالحميد ڪمبوھ، سينيئر صحافين جميل مغل، رضوان لودهي ۽ زوهيب شيخ سميت ڪيمرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن، صحافين ۽ پريس ڪلب جي ٻين ميمبرن مهمان جو استقبال ڪيو. دوري دوران صنعان اسلام شيخ سکر پريس ڪلب جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ صحافين کي فراهم ٿيندڙ سهولتن، انتظامي معاملن ۽ صحافتي سرگرمين بابت تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪئي. هن صحافين لاءِ قائم ڪيل مختلف شعبن ۽ اداري جي سرگرمين جو جائزو وٺندي پريس ڪلب جي انتظامي ۽ صحافتي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ صنعان اسلام شيخ چيو ته سکر پريس ڪلب جي ترقي، صحافتي سرگرمين جي واڌاري ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن خاص طور سکر پريس ڪلب جي روح روان ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ جي صحافتي خدمتن کي ساراهيندي سندس قيادت ۽ صحافي برادريءَ جي حقن لاءِ ڊگهي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن صحافتي ادارن جي اهميت ۽ سماج ۾ صحافين جي ڪردار کي اجاگر ڪندي سکر پريس ڪلب جي سرگرمين کي خوش آئند قرار ڏنو. ان موقعي تي موجود صحافتي تنظيمن جي عهديدارن ۽ صحافين پڻ سندس دوري کي ساراهيو ۽ صحافتي سرگرمين جي واڌاري سان گڏ باهمي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سنڌ جي ثقافت ۽ روايتن جي پاسداري ڪندي سکر پريس ڪلب جي عهديدارن پاران صنعان اسلام شيخ کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ پڻ پيش ڪئي وئي. اجرڪ پيش ڪرڻ جو اهو عمل سنڌ جي ثقافتي مهمان نوازي ۽ روايتي قدرن جو عڪاس رهيو. دوري جي پڄاڻيءَ تي صنعان اسلام شيخ ۽ صحافين وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران پريس ڪلب جي سرگرمين، صحافتي معاملن، صحافي برادريءَ جي ڪردار ۽ باهمي رابطن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صحافتي حلقن اميد ظاهر ڪئي ته سياسي ۽ سماجي شخصيتن جا اهڙا دورا صحافين ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.
پيپلز پارٽي اڳواڻ صنعان اسلام شيخ جو سکر پريس ڪلب جو تفصيلي دورو، صحافين جي خدمتن ۽ لالا اسد پٺاڻ جي جدوجهد کي ڀيٽا پيش
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
