بدين (ڊر محفوظ شاه)بدين ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين جو هزارين ماڻهن پاران شاندار استقبال، گلن جي ورکا، سنڌ جي وحدت جي تحفظ لاءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين جدوجهد جو اعلانبدين سنڌ منهنجي امان جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ بدين پهتل سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جو هزارين بدين واسين پاران شاندار استقبال ڪيو ويو، جڏهن ته مٿس گلاب جي گلن جي ورکا ڪري ڀرپور آجيان ڪئي وئي. مهراڻ چوڪ بدين تي منعقد ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي ۽ پاڪستان اسان جو ملڪ آهي، اسان پاڪستان ۾ رهون ٿا، سنڌ ۾ نه؛ اسان نه سنڌ کي ٽٽڻ ڏينداسين ۽ نه ئي پاڪستان کي تباھ ٿيڻ ڏينداسين.هن چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن 80 سالن کان ملڪ کي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي پنهنجي ناڪامين جو بار سنڌ تي وجهڻ ۽ سنڌ ۾ الڳ صوبو ٺاهڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. حڪمران غلطيون پاڻ ڪن ٿا، پر انهن جي سزا سنڌ ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ کي ڇو ڏني وڃي؟ سنڌ جي وحدت سان ڪنهن به قسم جي هٿ چراند برداشت نه ڪئي ويندي.
ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سياسي ڊرامابازي بند ڪئي وڃي. سنڌ جي ستن ڪروڙ ماڻهن جو عهد آهي ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي ۽ ان جي چپي چپي جي حفاظت لاءِ ڪراچي کان ڪشمور تائين ميدان ۾ موجود رهنداسين. هن اعلان ڪيو ته سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪيو ويندو، اهڙن فيصلن کي رد ڪريون ٿا ۽ سنڌ جي وحدت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين.هن چيو ته اسان اوهان کي للڪاريندي واضح ڪريون ٿا ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي. سنڌي قوم پرامن آهي، پر پنهنجي ڌرتي، سڃاڻپ ۽ وحدت جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي.ڊاڪٽر قادر مگسي اعلان ڪيو ته 15 نومبر تي پوري سنڌ مان ماڻهن جو رخ ڪراچي طرف هوندو، جتي سنڌ جي ورهاڱي خلاف ڀرپور آواز اٿاري حڪمرانن کي واضح پيغام ڏنو ويندو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي ورهاڱي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا.جلسي کي پارٽي اڳواڻن هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر احمد نوناري، نثار ڪيريو، سحر رضوي، سنڌو پنھور، حاڪم زادي ٿيٻو، ضلعي بدين جي صدر شاهنواز سيال ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. اڳواڻن سنڌ جي وحدت جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو، جڏهن ته جلسي دوران ”سنڌ جو ورهاڱو نامنظور“ جا زوردار نعرا پڻ هنيا ويا.
بدين سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، 15 نومبر تي سڄي سنڌ جو رخ ڪراچي طرف هوندو: ڊاڪٽر قادر مگسي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
