راولپنڊي: فيلڊ مارشل ۽ چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير ۽ ايراني قيادت وچ ۾ هرمز سامونڊي لنگهه ٻيهر کولڻ، وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۽ هلندڙ تڪرار کي جلد ختم ڪرڻ بابت ڳالهيون ٿيون، آءِ ايس پي آر موجب.
آءِ ايس پي آر مطابق فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، گهرو وزير محسن نقوي سان گڏ ايران جو هڪ ڏينهن وارو دورو مڪمل ڪيو. هي دورو پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو حصو هو، جنهن جو مقصد جاري آمريڪا-ايران تڪرار ۾ پيدا ٿيل تعطل ختم ڪرڻ، ڳالهين جا رستا ڳولڻ ۽ خطي ۾ مستقل امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون ڪرڻ هو.
دوري دوران فيلڊ مارشل عاصم منير ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان، سپريم ليڊر جي نمائندي محسن رضائي، پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ۽ گهرو وزير اسڪندر مومني سان ملاقاتون ڪيون.
ڳالهين دوران وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ، هرمز سامونڊي لنگهه کي ٻيهر کولڻ ۽ تڪرار جي جلد خاتمي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين علائقائي امن ۽ تڪرارن جي ڳالهين ذريعي حل لاءِ پڻ غور ويچار ڪيو.
ايراني قيادت پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ ڳالهين، ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ تڪرار جي پرامن حل لاءِ مخلص ڪوششن کي ساراهيو.
ايران پهچڻ تي فيلڊ مارشل عاصم منير جو استقبال ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن ڪيو.
