ٽنڊوڄام سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايس ايڇ اي سي) جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽي اسپورٽس اسپرٽ فيسٽيول 2026 جو باقاعده شروعات ٿي وئي آھي، وائيس چانسلر سنڌ زرعي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال قومي جھنڊو ڦڙڪايو ۽ بعد ۾ ٽي-20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ فيسٽيول جي فوڪل پرسن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊائريڪٽر اسپورٽس شوڪت علي سانگي، اسپورٽس ايڊوائيزر انوار حسين خانزادي، ۽ ٻين استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين ۽ شعبن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. فيسٽيول 8 آڪٽوبر تائين جاري رهندو، جنهن دوران ڪرڪيٽ، فٽبال، والي بال، هاڪي، ڪڪ باڪسنگ، باسڪيٽ بال، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، شطرنج ۽ ايٿليٽڪس جي مقابلن سان گڏ مباحثن، موسيقي، ڊرامي، فوٽوگرافي، شارٽ فلم، مشاعري، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي نمائش ۽ اسٽارٽ اپ نمائش سميت مختلف علمي، ثقافتي ۽ مقابلاتي سرگرميون منعقد ڪيون وينديون. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته يونيورسٽين ۾ راندين ۽ هم نصابي سرگرمين جو فروغ شاگردن جي شخصيت سازي ۽ سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي شاگردن کي تعليمي سرگرمين سان گڏ راندين، ثقافت ۽ تخليقي سرگرمين لاءِ پڻ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسپورٽس اسپرٽ فيسٽيول جو مقصد شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏ مختلف شعبن جي شاگردن وچ ۾ رابطي، ڀائيچاري ۽ صحتمند مقابلي جي رجحان کي هٿي وٺرائڻ آهي،ٻئي طرف افتتاحي ٽي-20 ڪرڪيٽ ميچ ايف اي ايس ايس ۽ ايف سي پي ڊي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ ايف اي ايس ايس 56 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ايف اي ايس ايس پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 155 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته جواب ۾ ايف سي پي ڊي جي سموري ٽيم 18 اوورن ۾ 99 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ايف اي ايس ايس جي رانديگر ياسر شاندار بيٽنگ ڪندي 3 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 42 رنسون ٺاهي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.
