حيدرآباد بزم غالب ملڪاڻي ۽ سگا ڪوٽڙيءَ جي گڏيل سهڪار سان ناليواري ڪهاڻيڪار ،شاعر،مترجم ۽ پبلشر احساس آڪاش رهاڻ نامور اسڪالر حسين سارنگ جي صدارت ۾ ٿي گزري، الطاف ملڪاڻي ،سنڌ سنگت ضلعي ڄام شوري جو رابطا سيڪريٽري محبوب سنڌي ،عبدالستار ڀٽو، سرفرار ملڪاڻي ،لونگ ملاح ،ذوالفقار هالار سومرو فياض ٻگھيو، قاضي بدر الدين مهمانن ۾ شامل ها. صدارتي خطاب ڪندي الطاف ملڪاڻي چيو تہ احساس آڪاش سنڌي ٻولي جو برجستو ليکاري آهي، جنهن ڪهاڻي ۽ شاعري ذريعي ادب ۽ ٻولي جي خدمت ڪئي آهي. ليکڪ محبوب سنڌي چيو تہ احساس آڪاش فني ۽ فڪري لحاظ کان پڪو پختو ڪهاڻيڪار آهي، حسين سارنگ چيو تہ احساس آڪاش متجرم جي حيثيت ۾ عالمي ادب جا ڪتاب ترجما ڪري سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيو آهي، سگا اڳواڻ ستار ڀٽو چيو ته احساس آڪاش وٽ سنڌيت جو عشق آهي، جنهن کي سامهون رکي لکي ٿو، لونگ ملاح چيو ته احسان آڪاش روشن خيال ليکڪ آهي، ذوالفقار هالار سومرو چيو ته احسان آڪاش علمي، ادبي خدمتون ساراھ جوڳيون آهن، صاحبِ رهاڻ احساس آڪاش چيو ته سنڌ منهنجو وطن آهي، ان جي بقا لاءِ لکندو آهيان، تقريب کي فياض قمبراڻي ،اصغر گاڏهي،قاضي بدر، اشفاق جانوري،قادر آزاد، ۽ ٻين خطاب ڪري صاحب رهاڻ احساس آڪاش جي فن ۽ شخصيت تي روشني وڌي.
چنگ نواز ولي محمد خاصخيلي چنگ وڄائي داد حاصل ڪيو.
جڏهن ته راڳين نياز خاصخيلي، پيار علي پيار علي اڪبر ، محبوب کوھارو عزيز جلباڻي، عبدالستار ملوکاڻي پڻ احساس آڪاش کي گيت ڳائي ڀيٽا پيش ڪئي .
جڏهن ته شاعرن، اديبن خادم مڱلو، محبوب حسنين سومرو شيرمحمدجمالي محمد رمضان لاھوتي سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڪاروائي سيڪريٽري ذوالفقار علي ھالار ھلائي
