وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي هر ماڻهو جي زندگي کي مشڪل بنائي ڇڏيو آهي، مهانگائي جو بنيادي سبب پيٽرول جي قيمت آهي پر اها ڳالهه بالڪل غلط آهي ته پيٽرول جي قيمت حڪومت وڌائيندي آهي.
فيصل آباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته سموري دنيا ۾ مهانگائي ٿي رهي آهي سموري دنيا ۾ پيٽرول جي قيمت وڌي رهي رهي آهي، آمريڪا، ايران جنگ ئي مهانگائي جو سبب آهي ڇا دنيا ۾ ڪٿي مهانگائي جي خلاف لانگ مارچ ٿي رهيا آهن؟
ليگي اڳواڻ چيو ته اسان جي اندر ڪجهه عناصر موجود آهن جيڪي اهڙن موقعن جي ڳولا ۾ رهندا آهن انهن ماڻهن کي سٺي طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو نه سمجهندو انهي کي سمجهايو ويندو.
راڻا ثناءُالله چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جنگ روڪرائڻ جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪوششون ڪامياب ٿي ويون ته ايران کان اسان کي اڌ قيمت تي پيٽرول ۽ گيس ملي سگهي ٿو. مهانگائي سبب هر ڪو ماڻهو پريشان ته آهي حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عام ماڻهو کي رليف ڏئي.
