لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد لاهوري محلا شيرين امير بيگم پل تي چيڪينگ دوران ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار علي زيب ابڙو ۽ عاشق ڦل زخمي ٿي پيا، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي اهلڪارن کي ٽرامان سينٽر منتقل ڪيو جتي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار علي زيب ابڙو ۽ عاشق ڦل لاهوري محلا واري علائقي شيرين امير بيگم پل تي چيڪينگ ڪري رهيا هئا ته موٽر سائيڪل سوارن کي بيهڻ جو اشارو ڏنو، موٽر سائيڪل سوار نه بيهڻ تي پوليس اهلڪارن سندن جو پيڇو ڪيو جنهن بعد شهر جي عرب پير واري علائقي ۾ ڏوهارين سان پوليس جو مقابلو ٿي پيو جنهن نتيجي ۾ اهلڪار علي زيب ابڙو کي ڄنگھ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جڏهن ته عاشق ڦل تيز موٽر سائيڪل تان ڪري زخمي ٿي پيو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته شهر خارجي ۽ داخلي رستن تي ناڪا بندي ڪئي وئي جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويندو.
