عمرڪوٽ(رپورٽ احمدخان ڀرڳڙي) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ سيپٽمبر 2026ع ۾ منعقد ٿيل پوليو مهم (SNID) کانپوءِ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بابت هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ٿيو، اجلاس دوران ضلعي ۾ پوليو مهم دوران کنيل قدمن، ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جي صورتحال، فڪسڊ ۽ موبائل ٽيمن جي ڪارڪردگي، مانيٽرنگ، رهجي ويل ٻارن ۽ ايندڙ مهم لاءِ لائحه عمل جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ضلعي پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجي ڪمار کتري، سيپٽمبر 2026ع جي پوليو مهم بابت ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ کي تفصيلي بريفنگ ڏني، هن مهم دوران مختلف علائقن ۾ پوليو ٽيمن پاران ٻارن کي حفاظتي ڦڙا پيارڻ، ٽيمن جي مانيٽرنگ، فيلڊ وزٽن، فڪسڊ پوائنٽن ۽ گهر گهر وڃي ٻارن جي ويڪسينيشن سميت مهم جي مجموعي اڳڀرائي بابت آگاهي ڏني، ڊاڪٽر وجئہ ڪمار کتري اجلاس کي ٻڌايو ته پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار تائين رسائي يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري آهي، هن مهم دوران سامهون آيل مسئلن، رهجي ويل ٻارن، انڪار ڪندڙ خاندانن، لڏپلاڻ ڪندڙ خاندانن ۽ ٻين چئلينجن بابت پڻ اجلاس کي آگاهه ڪيو ۽ ايندڙ مهمن دوران انهن مسئلن جي مؤثر حل لاءِ مختلف قدمن تي روشني وڌي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي لاءِ صحت کاتي، ضلعي انتظاميا، پوليس، مڪاني ادارن، پوليو پروگرام ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن وچ ۾ مؤثر رابطو ۽ گڏيل سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، هن چيو ته پوليو هڪ قومي مسئلو آهي ۽ ان جي مڪمل خاتمي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي پنهنجون ذميواريون مڪمل سنجيدگي ۽ مؤثر انداز ۾ ادا ڪرڻيون پونديون، ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته ايندڙ پوليو مهم دوران ڪوبه ٻار پوليو کان بچاءَ جي حفاظتي ڦڙن کان محروم نه رهي ۽ فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ ٽيمن جي مؤثر مانيٽرنگ کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته مهم دوران رهجي ويل ٻارن جي نشاندهي ڪري انهن تائين ٻيهر رسائي حاصل ڪئي وڃي، جڏهن ته والدين ۽ سرپرستن ۾ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جي اهميت بابت آگاهي کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، اجلاس ۾ پوليو مهم دوران پيش آيل انتظامي ۽ فيلڊ مسئلن تي پڻ غور ڪيو ويو ۽ انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون، ان کان علاوه ايندڙ پوليو مهمن جي مؤثر منصوبابندي، ٽيمن جي تربيت، مانيٽرنگ ۽ ڪميونٽي موبلائيزيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو، اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ڊي ايس پي عمرڪوٽ ميان اظھر سمون، ضلعي صحت آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آءِ دليپ ڪمار، ڊبليو ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگا شنڪر، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عمرڪوٽ نور محمد شيخ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر حيسڪو علي رضا ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ هريش چندر کتري، مختيارڪار پٿورو، تعليم کاتي جي ٽي او راڻو مل مالهي، اسسٽنٽ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر موهن لال، ڊسٽرڪٽ پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجي ڪمار، اي پي آءِ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر فريد احمد هنگورجو، ڊاڪٽر شير مهر، ڊاڪٽر عمران آخوند، ڊاڪٽر محبوب سميجو، ڊسٽرڪٽ مانيٽرز، مختلف غير سرڪاري تنظيمن هينڊز جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر منصور ميمڻ، سامي فائونڊيشن، شفا فائونڊيشن ۽ روٽري ڪلب جي نمائندن سميت لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس جي پڄاڻي تي ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي گڏيل سهڪار، مؤثر مانيٽرنگ ۽ فيلڊ ۾ مسلسل موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي هن پوليو مهم دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پوليو ورڪرن کي اِيپريسيئيشن سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ۽ سندن حوصلا افزائي ڪئي.
پوليو مهم دوران ڪوبه ٻار پوليو کان بچاءَ جي حفاظتي ڦڙن کان محروم نه رهي،ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
