کپرو (رپورٽ غلام محمد مري)کاهي ٿاڻي جي حد ۾ 22 ڏينهن اڳ گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان شهيد شھزاد مري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهيد شھزاد مري ايڪشن ڪميٽي پاران کاهي کان کپرو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا کپرو پهچڻ بعد شهيد چوڪ تي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي.ريلي جي اڳواڻي بھرام مري، گلشير مري، عنايت مري ۽ مالڪ بخش مري ڪئي، جڏهن ته ريلي ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پينافليڪس کڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي.شهيد چوڪ تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڀرام مري، گلشير مري ۽ مالڪ بخش مري چيو ته 22 ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان شھزاد مري کي قتل ڪيو ويو، جنهن جي ايف آءِ آر کاهي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي. ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدارن مان هڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي جوابدار اڃا تائين آزاد گهمي رهيا آهن.هنن الزام لڳايو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن ۽ شهيد جي وارثن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب وارثن ۾ خوف پکڙيل آهي. هنن چيو ته ان ئي هنڌ اڳ ۾ به ڀيرو ڪولهي کي قتل ڪيو ويو هو، جڏهن ته علائقو هاڻي بدامني جي ور چڙهيل آهي.مظاهرين مطالبو ڪيو ته شھزاد مري جي قتل ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. شهيد شھزاد مري ايڪشن ڪميٽي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس پي سانگهڙ جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو
کپرو ،کاهي ٿاڻي جي حد ۾ 22 ڏينهن اڳ گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان شهيد شھزاد مري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
