بدين (رپورٽ محفوظ شاھ ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين عبدالقدوس ميمڻ جي بدلي جي موقعي تي سيشن ڪورٽ بدين جي هال ۾ اسٽاف طرفان الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ چيو ته مقرريون ۽ بدليون سرڪاري ملازمت جو حصو آهن، جڏهن ته پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ ۽ مظلومن جي داد رسي ڪرڻ هر جج جي بنيادي ذميواري آهي. هن چيو ته بدين ۾ پنهنجي 8 مهينن واري مختصر عرصي دوران ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجا فرض بهتر نموني ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي مطمئن آهيان هن چيو ته جج جي پهرين ترجيح مظلوم فرياديءَ جي فرياد ٻڌڻ ۽ کيس انصاف فراهم ڪرڻ هجڻ گهرجي. هن پنهنجي ساٿي ججن ۽ ڪورٽ جي عملي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي زندگيءَ جو مقصد مظلومن کي انصاف ڏيارڻ، سندن فرياد ٻڌڻ ۽ کين انصاف جي فراهميءَ لاءِ وقف ڪن، ڇاڪاڻ ته انصاف جي بروقت فراهمي عدالتي نظام جو بنيادي مقصد آهي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقدوس ميمڻ وڌيڪ چيو ته بدين ۾ 8 مهينن جي عرصي دوران عدالتي سهولتن ۽ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان گڏيل ڪوششن سان اهم ڪم ڪرايا ويا آهن، جن جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته پنهنجي ساٿي ججن ۽ عدالتي عملي جي گڏيل محنت ۽ سهڪار سان بدين جي عدالتن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي سنڌ جي نمايان عدالتن جي صف ۾ آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ويون هن چيو ته بدين ۾ رهائش ۽ خدمتن دوران کيس جيڪو عزت، احترام، محبت ۽ سهڪار مليو، تنهن کي هو زندگيءَ ڀر وساري نه سگهندو. هن پنهنجي ساٿي ججن ۽ عدالتي عملي جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته گڏيل محنت سان عدالتي ذميوارين جي ادائيگي ۽ عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو تقريب جي پڄاڻيءَ تي عدالتي عملي طرفان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بدين عبدالقدوس ميمڻ کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ لونگي جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ سندس خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
