سکر(بيورورپورٽ) سکر جي ضلعي انتظاميه ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن گڏيل طور تي قدرتي آفتن سبب پيدا ٿيندڙ خطرن ۽ ڪمزورين کي گهٽائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو آھي. سکر جي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ضلعي ڪنٽيجنسي پلان 2026–2027 جي جائزي واري اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ضلعي ۽ صوبائي سطح جي اهم سرڪاري عملدارن، سول سوسائٽي، مقامي حڪومتن ۽ برادرين جي نمائندن شرڪت ڪئي. ٽيڪنيڪل ماهر ضلعي انتظاميه، صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ، سماجي ڀلائي کاتي، آبپاشي، ميونسپل ڪارپوريشن، اين جي اوز ۽ مقامي برادرين سان ڪيل انٽرويوز ذريعي حاصل ڪيل بنيادي معلومات ۽ موجود ثانوي انگن اکرن جي بنياد تي تيار ٿيل ضلعي ڪنٽيجنسي پلان 2026–2027 پيش ڪيو. اجلاس کي خطاب ڪندي اي ڊي سي ٽو بشريٰ منصور، فيصل کوکر ۽ ظهير جوڻيجو (مختلف ادارن پاران ملٽي وَلنريبلٽي هيزرڊ رسڪ اينالسس کي ضلعي ڪنٽيجنسي پلان ۾ شامل ڪرڻ واري عمل کي ساراهيو. مقررن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڀئي لاڳاپيل ادارا گڏيل ۽ باخبر فيصلن ذريعي انساني جانيون بچائڻ، ماڻهن جي روزگار ۽ معيشت جو تحفظ ڪرڻ، قدرتي آفتن سبب ٿيندڙ نقصانن کي گهٽائڻ، اڳواٽ تياري کي بهتر بڻائڻ ۽ هنگامي حالتن ۾ تيز ۽ مؤثر امدادي ڪارروائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن. شرڪت ڪندڙن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته قدرتي آفتن جي اڳواٽ تياري، بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي سرگرمين لاءِ ضلعن کي بروقت مالي وسيلا فراهم ڪيا وڃن. ان سان گڏ لاڳاپيل ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي به زور ڏنو ويو ته جيئن اهي آفتن جي تياري، اڳواٽ قدم کڻڻ، امدادي ڪاررواين ۽ بحالي جي مرحلن ۾ وڌيڪ مؤثر نموني پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.
