• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: حيدرآباد رپورٽ قادر ملاح سنڌ سميت حيدرآباد ۾ صحافين خلاف مبينا ظلم ۽ انتقامي ڪارروايون بند ڪرڻ لاءِ کٿڙ ۾ احتجاجي مظاهرو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

حيدرآباد رپورٽ قادر ملاح سنڌ سميت حيدرآباد ۾ صحافين خلاف مبينا ظلم ۽ انتقامي ڪارروايون بند ڪرڻ لاءِ کٿڙ ۾ احتجاجي مظاهرو

admin
Last updated: October 11, 2026 8:22 am
admin
Share
SHARE

حيدرآباد (رپورٽ قادر ملاح )سنڌ سميت حيدرآباد ۾ صحافين مٿان مبينا ظلم، تشدد، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ انتقامي ڪاررواين خلاف پريس ڪلب سيري کٿڙ جي سڏ تي حيدرآباد جي علائقي کٿڙ ۾ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ صحافين، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪري صحافين سان ٿيندڙ مبينا زيادتين خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي پريس ڪلب سيري کٿڙ جي صدر عنايت علي ڇلگري، سينيئر نائب صدر مير ثناءالله بڙدي، جنرل سيڪريٽري ناصر ملاح، سينيئر صحافي آغا جانب، جان محمد خاصخيلي، ڪرشن راٺوڙ، غلام مصطفيٰ ملاح، سلطان مري، جاويد بليدي، سليم بلوچ، فياض بلوچ، راڻو ملاح، حميد ملاح ۽ قومي عوامي تحريڪ هوسڙي جي اڳواڻ بابو سولنگي سميت ٻين ڪئي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن حيدرآباد جي سينيئر صحافي عبدالغفور سروهي مٿان داخل ڪيل مبينا ڪوڙي ڪيس ۽ مٿس تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هنن چيو ته صحافي سماج جي اک ۽ ڪن هوندا آهن، جيڪي عوام جا مسئلا، ناانصافيون ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ زيادتيون اجاگر ڪري عوام تائين حقيقتون پهچائيندا آهن. صحافين کي پنهنجي صحافتي ذميواريون نڀائڻ تي مبينا طور نشانو بڻائڻ، مٿن ڪيس داخل ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ آزادي صحافت لاءِ ڳڻتي جوڳو عمل آهي.هنن چيو ته سينيئر صحافي عبدالغفور سروهي مٿان ٿيندڙ مبينا زيادتين جو شفاف ۽ غيرجانبدار نوٽيس ورتو وڃي، واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به ڌر قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته صحافين خلاف مبينا انتقامي ڪاررواين جو سلسلو بند ڪري کين بنا خوف ۽ دٻاءَ جي پنهنجا فرض ادا ڪرڻ جو ماحول فراهم ڪيو وڃي.احتجاج دوران عورت صحافي راحبا ذاڪر لغاري مٿان ٿيل حملي جي پڻ سخت مذمت ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته عورت صحافين تي حملا نه رڳو آزادي صحافت پر عورتن جي تحفظ جو به اهم مسئلو آهن. صحافين کي سندن پيشيوراڻيون ذميواريون ادا ڪرڻ دوران تحفظ ڏيڻ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي ذميواري آهي. هنن مطالبو ڪيو ته عورت صحافي راحبا ذاڪر لغاري مٿان ٿيل حملي جي شفاف جاچ ڪرائي، ذميوارن جي نشاندهي ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.مظاهرين وڌيڪ چيو ته صحافت جو بنيادي مقصد عوام جي آواز کي اعليٰ اختيارين تائين پهچائڻ، مظلومن سان ٿيندڙ ناانصافين کي اجاگر ڪرڻ ۽ سماج ۾ شفافيت کي هٿي ڏيڻ آهي. جيڪڏهن صحافين کي سچ لکڻ ۽ عوامي مسئلا رپورٽ ڪرڻ تي مبينا طور دٻاءَ، ڌمڪين، تشدد يا ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو ته ان سان آزاد صحافت ۽ عوام جي معلومات حاصل ڪرڻ واري حق کي نقصان پهچندو.
هنن حڪومت سنڌ، پوليس جي اعليٰ اختيارين ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ صحافين جي تحفظ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، صحافين خلاف مبينا زيادتين ۽ انتقامي ڪاررواين جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ صحافين کي آزاديءَ سان پنهنجو پيشوراڻو ڪم ڪرڻ لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪيو وڃي.احتجاج ڪندڙ صحافين ۽ اڳواڻن واضح ڪيو ته صحافين جي حقن، تحفظ ۽ آزادي صحافت لاءِ پرامن ۽ قانوني جدوجهد جاري رکي ويندي. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عبدالغفور سروهي ۽ راحبا ذاڪر لغاري وارن معاملن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article بدين سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، 15 نومبر تي سڄي سنڌ جو رخ ڪراچي طرف هوندو: ڊاڪٽر قادر مگسي
Next Article نوشهروفيروز ۾ پڊعيدن پوليس جي اهلڪارن جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن جو پريس ڪلب آڏو احتجاج
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملن بابت ڀارت جو بيان رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن جي انفراسٽرڪچر تي حملن بابت جاري ڪيل بيان کي…

1 Min Read
علاقائي

محراب پور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا، وارثن جون دانهون

محرابپور محراب پور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا، پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدارن…

2 Min Read
پاڪستان

يوسي 6 جيئي شاهه ٽائون ميراڻي محلي جا رھواسي ميونسپل ۽ يوسي چئيرمين خلاف ميدان تي نڪري آيا

سکر(رپورٽ غلام علي ) يوسي 6 جيئي شاهه ٽائون ميراڻي محلي جا رھواسي ميونسپل ڪمشنر توڙي ايڪسئين ۽ يوسي چئيرمين…

2 Min Read
پاڪستان

اسلام آباد ۾ گيس سلينڊرن جي دوڪان ۾ ڌماڪو، 5 ماڻهو جھلسي زخمي

اسلام آباد: گيس سلينڊرن جي دوڪان ۾ ڌماڪي سبب 5 ماڻهو جھلسي زخمي ٿي ويا. ريسڪيئو اختيارين موجب، ڪورال شريف…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?