اسلام آباد: پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن جي انفراسٽرڪچر تي حملن بابت جاري ڪيل بيان کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارتي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد گروهن جي سرپرستي ڪندو رهيو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندين واري نظام جي به ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي آفيس پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان خلاف بي بنياد ۽ مضحکہ خيز الزام اهو ملڪ هڻي رهيو آهي، جيڪو پاڻ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي حقِ خود اراديت کي دٻائي رهيو آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت جو اهو رويو گڏيل قومن جي چارٽر جي به کليل ڀڃڪڙي آهي ۽ اهڙن بي بنياد بيانن سان حقيقتون تبديل نٿيون ٿي سگهن.
