لاڙڪاڻو(رپورٽ مريد سولنگي) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسڻ عورت طرفان پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي اڳوڻي مڙس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورت سبحان خاتون پنهنجي ٻارڙن مائره، حرا، ماحده، فائزه ۽ عبدالمالڪ سهڙو سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته تقريبن 20 سال اڳ منهنجي شادي شهر جي باقراڻي روڊ واري علائقي جي رهواسي پنهنجي سئوٽ عبدالخالق سهڙو سان ٿي هئي، جنهن مان 7 ٻارن جي اولاد پڻ آهي. هن الزام لڳايو ته شادي کان پوءِ مڙس بيگناھ تشدد جو نشانو بڻائيندو رهندو هيو ۽ گهر جو خرچ پڻ نه ڏيندو هو، جنهن 6 مهينا اڳ مارڪٽ ڪري طلاق ڏيڻ بعد گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته طلاق کان پوءِ ڪجھ ڏينهن اڳ مان پنهنجي رضا خوشي سان مائٽ عبدالغني سهڙو سان ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ اڳوڻي مڙس معصوم ٻارن کي پنهنجي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ مونکي پنهنجو سامان پڻ واپس نه پيو ڪري، جڏهن ته گذريل ڏينهن آئون پنهنجي ڏاج وارو سامان کڻڻ لاءِ اڳوڻي مڙس عبدالخالق سهڙو جي گهر وئي هيس، جتي هن پنهنجي والد امير احمد، ڀائرن طاهر، زبير ۽ عبدالغبي سهڙو سان گڏجي مونکي مارڪٽ ڪري سامان کڻڻ نه ڏنو ۽ معصوم ٻارن کي منهنجي پويان اماڻي ڇڏيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اڳوڻي مڙس سندس والد ۽ ڀائرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ ڏاج وارو سامان واپس ڪرائيندي معصوم ٻارڙن جو خرچ ڏياري انصاف ڪيو وڃي.
لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسڻ عورت طرفان پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي اڳوڻي مڙس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
