ميرپور ماٿيلو(رپورٽ)ضلعي انتظاميه گهوٽڪي پاران رائونتي ڪچي ۾ امن جي بحاليءَ جو پيغام عام ڪرڻ، مقامي نوجوانن کي مثبت ۽ صحتمند سرگرمين جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ علائقي ۾ راندين جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽن ڏينهن وارو شهيد محترمه بينظير ڀٽو راندين جو ميلو منعقد ڪرڻ جو فيصلو.ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي، والي بال، ڪرڪيٽ، ڏاندن جي ڊوڙ سميت مختلف ثقافتي ۽ روايتي راندين جا دلچسپ مقابلا منعقد ڪرايا ويندا. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي منظور احمد ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران جي گڏيل صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون بشارت حسين، اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ايشاءَ زهرا، ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر نثار احمد چانڊيو ۽ مختلف صنعتي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد چيو ته ڪچي ۾ آپريشن کانپوءِ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، جنهن کانپوءِ مقامي ماڻهن کي خوشگوار ۽ تفريحي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ راندين جو ميلو منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سماجي ۽ معاشرتي ترقيءَ واري پروگرام تحت سنڌ پوليس ۽ اسپورٽس کاتي جي سهڪار سان منعقد ٿيندڙ هي ميلو علائقي ۾ امن، ڀائيچاري ۽ مثبت سماجي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته ميلي ۾ سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان رانديگر شرڪت ڪندا، جنهن سان راندين جي ميدان ۾ مقامي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جا موقعا ملندا. ڊپٽي ڪمشنر صنعتي ادارن جي نمائندن کي چيو ته هو هن اهم پروگرام جي ڪاميابيءَ لاءِ ضلعي انتظاميه سان ڀرپور سهڪار ڪن ته جيئن بهتر کان بهتر انتظام ڪري سگهجن. ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران چيو ته ضلعي گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن چيو ته جيڪي علائقا اڳ سيڪيورٽي خدشن سبب ڏکيائيءَ سان پهچ ۾ ايندا هئا، اڄ اتي ماڻهو وڌيڪ اعتماد سان اچ وڃ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪچي ۾ راندين جون سرگرميون نوجوانن جي ذهني ۽ جسماني نشونما، مثبت سوچ ۽ سماجي رابطن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. ايس ايس پي صنعتي ادارن کي اپيل ڪئي ته هو اڳتي اچي هن پروگرام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن راندين جي ميلي کي ڪامياب ۽ يادگار بڻائي سگهجي. ان کان اڳ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر نثار احمد چانڊيو اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته رائونتي ڪچي ۾ ٽن ڏينهن واري راندين جي ميلي لاءِ تياريون ۽ انتظام ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ميلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن مان رانديگر ۽ ملهه پهلوان حصو وٺندا، جڏهن ته ڏاندن جي ڊوڙ، ڪوڏي ڪوڏي، ملاکڙي، ڪرڪيٽ، والي بال ۽ ٻين مقامي توڙي ثقافتي راندين جا مقابلا منعقد ڪرايا ويندا. ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن دوران حتمي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.
ڪچي ۾ آپريشن کانپوءِ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
