اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته حالتون ظاهر ڪن ٿيون ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ حڪومت وٽ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هو.
اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته خدا جي واسطي پنهنجي موقف جي حمايت ۾ دليل ڏيندي ماضيءَ تي به نظر وجهندا ڪريو ۽ ڏسو ته اوهان جا پنهنجا ڪرتوت ڪهڙا هئا، حڪومت جو مسئلو رڳو دهشتگردي آهي.
بچاءَ واري وزير انڪشاف ڪيو ته” اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ۽ جنرل (ر) فيض حميد ايوان ۾ اچي کين راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته دهشتگردن کي واپس آڻڻ سان فائدو ٿيندو.“
خواجا آصف دعويٰ ڪئي ته 14 مهينن دوران 3 هزار 900 ماڻهو شهيد ٿيا، ڇاڪاڻ ته وڏي وزير کي پنهنجي سياست جي وڌيڪ ڳڻتي هئي.
هن چيو ته اڄ طالبان به ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي ۽ خيبرپختونخوا ۾ فوج جي مقرريءَ جي مخالفت ڪئي آهي.
بچاءَ واري وزير پي ٽي آءِ کان سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته اوهان جا حامي ڪير آهن ۽ مخالف ڪير؟ هن چيو ته مخالف پاڪستان جي رياست آهي، جڏهن ته حامي طالبان آهن، جن جا هٿ اسان جي ٻارن جي رت سان رڱيل آهن.
خواجا آصف جو چوڻ هو ته هيءَ اهڙي جنگ آهي، جيڪا ملڪ ۽ قوم کي گڏجي وڙهڻي پوندي.
هن ٻيهر چيو ته حالتون ظاهر ڪن ٿيون ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ حڪومت وٽ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هو ۽ اهو آخري آپشن هو، جيڪو حڪومت کي اختيار ڪرڻو پيو.
اسلام آباد (ويب اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته حالتون ظاهر ڪن ٿيون ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ حڪومت وٽ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هو.
اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي خواجا آصف، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته خدا جي واسطي پنهنجي موقف جي حمايت ۾ دليل ڏيندي ماضيءَ تي به نظر وجهندا ڪريو ۽ ڏسو ته اوهان جا پنهنجا ڪرتوت ڪهڙا هئا، حڪومت جو مسئلو رڳو دهشتگردي آهي.
بچاءَ واري وزير انڪشاف ڪيو ته” اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ۽ جنرل (ر) فيض حميد ايوان ۾ اچي کين راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته دهشتگردن کي واپس آڻڻ سان فائدو ٿيندو.“
خواجا آصف چيو ته ماڻهو پنهنجي پيءُ جي ايتري تعريف نه ڪندا آهن جيتري جنرل (ر) باجوا جي عمران خان ڪئي.
خواجا آصف دعويٰ ڪئي ته 14 مهينن دوران 3 هزار 900 ماڻهو شهيد ٿيا، ڇاڪاڻ ته وڏي وزير کي پنهنجي سياست جي وڌيڪ ڳڻتي هئي.
هن چيو ته اڄ طالبان به ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي ۽ خيبرپختونخوا ۾ فوج جي مقرريءَ جي مخالفت ڪئي آهي.
بچاءَ واري وزير پي ٽي آءِ کان سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته اوهان جا حامي ڪير آهن ۽ مخالف ڪير؟ هن چيو ته مخالف پاڪستان جي رياست آهي، جڏهن ته حامي طالبان آهن، جن جا هٿ اسان جي ٻارن جي رت سان رڱيل آهن.
خواجا آصف جو چوڻ هو ته هيءَ اهڙي جنگ آهي، جيڪا ملڪ ۽ قوم کي گڏجي وڙهڻي پوندي.
هن ٻيهر چيو ته حالتون ظاهر ڪن ٿيون ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانسواءِ حڪومت وٽ ٻيو ڪو رستو نه بچيو هو ۽ اهو آخري آپشن هو، جيڪو حڪومت کي اختيار ڪرڻو پيو.
دهشتگردن کي واپس آڻڻ ۾ فائدو آهي، باجوا ۽ فيض حميد اسان کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا:خواجا آصف
